9 مئي واقعن جي چيف جسٽس جي سربراهيءَ ۾ جڊيشل ڪميشن ذريعي انڪوائري ٿيڻ گهرجي: بلاول ڀٽو زرداري/ صدر آصف زرداري

مَي 9, 2024

پيپلزپارٽي اڄ به ان موقف تي قائم آهي ته 9 مئي واقعن جي چيف جسٽس جي سربراهيءَ ۾ جڊيشل ڪميشن ذريعي انڪوائري ٿيڻ گهرجي، پي ٽي آءِ سميت سڀني کي خاطري ڪرائڻي پوندي ته جڊيشل ڪميشن جيڪو به فيصلو ڪري قبول ڪرڻو پوندو: پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جو 9 مئي تي جاري ڪيل پيغام ۾ اظهار، بلاول چيو ته 9 مئي جا واقعا ملڪ ۾ انارڪي پکيڙڻ جي ڪڌي سازش هئا، سڀني کي خبر آهي ته اهي مذمت جوڳا واقعا ڪنهن جي ڀڙڪائڻ تي ڪيا ويا، قائد اعظم جي گهر ۽ فوجي ٺڪاڻن تي حملا ڪندڙن کي قانون کي منهن ڏيڻو پوندو، صدر آصف زرداري پاران به 9 مئي جي پُرتشدد واقعن جي مذمت، ايوانِ صدر مان جاري ڪيل بيان ۾ صدر چيو آهي ته پاڪستان جي تاريخ ۾ 9 مئي کي ڪاري ڏينهن طور ياد رکيو ويندو، سياسي طور مشتعل جٿن 9 مئي تي سموري ملڪ ۾ ڪهرام برپا ڪيو، مشتعل هجوم سرڪاري ملڪيتن ۽ فوجي ٺڪاڻن کي نقصان پهچايو، 9 مئي واقعن سان ملڪي ساک بدترين نموني متاثر ٿي، پُرتشدد واقعن سان رڳو پاڪستان جي دشمنن جا مفاد پورا ٿيا

Leave A Comment