9 مئي هنگاما: ڪي پي حڪومت جو عدالتي جاچ ڪميشن جوڙڻ لاءِ پشاور هاءِ ڪورٽ کي خط
جُولاءِ 29, 2024
پشاور ( م ڊ ) خيبرپختونخوا حڪومت طرفان نوَ مئي جي واقعن جي جڊيشل انڪوائري لاءِ پشاور هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس اشتياق ابراهيم کي خط لکيو ويو آهي. ڪي پي جي ڪابينا صوبائي سطح تي 9 مئي سانحي واقعن جي جاچ لاءِ عدالتي ڪميشن جوڙڻ جي منظوري ڏني هئي، جنهن کان پوءِ خيبرپختونخوا حڪومت پشاور هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس اشتياق ابراهيم کي باضابطا طور خط لکي ڇڏيو. قاانون واري صوبائي وزير آفتاب عالم طرفان خط لکڻ جي تصديق ڪئي وئي آهي، صوبائي وزير آفتاب عالم موجب خط ۾ چيف جسٽس کان شفاف جاچ لاءِ جڊيشل ڪميشن جوڙڻ جي استدعا ڪئي وئي آهي. جڊيشل ڪميشن هاءِ ڪورٽ جي جج جي سربراهي ۾ جڙندو، جنهن بعد ٽي او آرز کي فائنل ڪيو ويندو. قانون واري وزير جو چوڻ آهي ته چيف جسٽس جڊيشل ڪميشن لاءِ نالو ڏيندو پر چيف جسٽس في الحال ڪو جواب نه ڏنو آهي. واضح رهي ته ڪي پي ڪابينا جڊيشل ڪميشن جوڙڻ جي منظوري ڏني هئي.