9 مئي واقعن جي ڏوهارين خلاف ڪارروائي کانسواءِ ملڪ سازشي ڌرين جي هٿن ۾ يرغمال رهندو: آرمي چيف جنرل عاصم منير
مَي 30, 2024
9 مئي واقعن جي ڏوهارين خلاف ڪارروائي کانسواءِ ملڪ سازشي ڌرين جي هٿن ۾ يرغمال رهندو، رياستي ادارن خلاف پرڏيهي قوتن جي مدد سان ڊجيٽل دهشتگردي جو مقصد فوج ۽ عوام ۾ اختلاف پيدا ڪرڻ آهي، ڊجيٽل دهشتگردي جو مقصد ڪوڙ، فيڪ نيوز ۽ پروپيگنڊا سان قوم ۾ مايوسي پيدا ڪرڻ آهي، انهن ناپاڪ قوتن جي ڪڌن ارادن کي يقيني شڪست ڏني ويندي: آرمي چيف جنرل عاصم منير جي صدارت هيٺ 83 هين فارميشن ڪمانڊرز ڪانفرنس ۾ اظهار، فارميشن ڪمانڊرز ڪانفرنس پاران 9 مئي واقعن جي ذميوارن کي قانون ۽ انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ جي عزم جو به اظهار، آءِ ايس پي آر جي پڌرائي موجب فارميشن ڪمانڊرز ڪانفرنس ۾ ڪور ڪمانڊرز، پرنسپل اسٽاف آفيسرز ۽ پاڪ فوج جا سمورا فارميشن ڪمانڊرز شريڪ ٿيا، ڪانفرنس جي پڌرنامي موجب قومي ادارن خلاف پروپگينڊا ڪندڙن جي پٺڀرائي پرڏيهي سهڪار رکندڙ پراڪسيز ذريعي ڪئي وڃي ٿي، ان پٺڀرائي جو مقصد بلوچستان جي نوجوانن کي امن ۽ ترقيءَ کان پري رکڻ آهي، پاڪستاني قوم ڪوڙي پروپيگنڊا ڪندڙن جي ڪڌن ارادن کان چڱيءَ ريت واقف آهي، فورم پاران ملڪي سلامتي کي درپيش خطرن کي قوم جي حمايت سان ناڪام بڻائڻ جي عزم جو اظهار، فارميشن ڪمانڊرز ڪانفرنس پاران ملڪ ۾ دهشتگرديءَ لاءِ افغان سرزمين استعمال ٿيڻ تي سخت خدشن جو اظهار، ڀارت ۾ اقليتن ۽ خاص ڪري مسلمانن سان انسانيت سوز سلوڪ تي ڳڻتيءَ جو اظهار، فورم پاران غزه ۾ انساني حقن جي ڀڃڪڙين ۽ جنگي ڏوهن جي مذمت به ڪئي وئي