9 مئي رياست خلاف بغاوت: عمران جو ڪيس فوجي عدالت ۾ ڇو نٿو هلي سگهي؟ خواجا آصف

آگسٽ 9, 2024

اسلام آباد(م ڊ) بچاءَ واري وزير خواجه آصف چيو آهي ته جيڪڏهن پي ٽي آءِ دور ۾ فوجي عدالتن ۾ ڪيس هلي سگهن ٿا ته هاڻي ڇو نه؟ پي ٽي آءِ بانيءَ کي سمجهڻ گهرجي ته 9 مئي واقعا رياست خلاف بغاوت هئي. خانگي ٽي وي چئنل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي خواجه آصف چيو ته پي ٽي آءِ چيئرمين 9 جي بغاوت جو ماسٽر مائينڊ هو، سڄو پلان ئي سندس ٺاهيل هو. هن چيو ته پي ٽي آ ءِ بانيءَ جو ڪيس فوجي عدالتن  ڇو نٿو هلي سگهي؟  هن پنهنجي دور ۾ ماڻهن تي فوجي عدالتن ۾ ڪيس هلايا ۽ سزائون ٿيون. خواجه آصف چيو ته پي ٽي آءِ بانيءَ جي مشروط معافي جي آڇ  تي به اسٽبلشمينٽ سان سندس لاڳاپن ۾ بهتري جو ڪو امڪان آهي. بچاءَ واري وزير چيو ته پي ٽي آءِ بانيءَ کي سمجهڻ گهرجي ته 9 مئي واقعا رياست خلاف بغاوت هئي.

Leave A Comment