9 مئي رياست تي سياست کي قربان ڪرڻ ۽ سياست لاءِ رياست تي حملي جي ٻن سوچن کي ڌار ڪرڻ جو ڏينهن آهي: وزيراعظم شهباز شريف
مَي 9, 2024
قوم ۽ تاريخ 9 مئي سانحي جي ذميوارن کي ڪڏهن به معاف نه ڪندي، 9 مئي رياست تي سياست کي قربان ڪرڻ ۽ سياست لاءِ رياست تي حملي جي ٻن سوچن کي ڌار ڪرڻ جو ڏينهن آهي: وزيراعظم شهباز شريف جو 9 مئي سانحي بابت وفاقي ڪابينا جي خصوصي اجلاس کي خطاب، وفاقي ڪابينا جي خصوصي اجلاس ۾ وفاقي وزيرن کانسواءِ پيپلزپارٽي جي اڳواڻن نويد قمر ۽ شيري رحمان جي به شرڪت، وزيراعظم چيو ته هڪ پاسي وطن لاءِ رت ڏيندڙ قوم جا عظيم پٽ، سندن خاندان ۽ محب وطن عوام آهي ته ٻئي پاسي نفرت جي باهه ۾ سڙندڙ ڪردار آهن، هي اهي ڪردار آهن جن جي دل ۾ رياستي مفادن جو ڪو به درد نه آهي، شهيدن ۽ قوم سان وعدو آهي ته 9 مئي وري ڪڏهن نه ٿيندو، اسان کي اڳتي وڌڻو آهي ۽ ترقيءَ جون منزلون طئي ڪرڻيون آهن