9 مئي جو ڏينهن قوم کي ورهائڻ ۽ نفرتن کي وڌائڻ جي ڪهاڻي آهي: وڏو وزير مراد علي شاهه
مَي 9, 2024
9 مئي جو ڏينهن قوم کي ورهائڻ ۽ نفرتن کي وڌائڻ جي ڪهاڻي آهي، هڪ پاسي اهي ليڊر آهن جن قوم ۾ زهر پکيڙيو ٻئي پاسي آصف علي زرداري پاڪستان کپي جو نعرو هنيو، بلاول ڀٽو زرداري جي والده جي شهادت تي جمهوريت بهترين انتقام آهي جو نعرو هنيو: وڏي وزير مراد علي شاهه جو ڪراچي ۾ 9 مئي سانحي بابت تقريب کي خطاب، وڏي وزير چيو ته شهيد بينظير ڀٽو وطن واپسيءَ کانپوءِ ڪنهن کي به سياسي انتقام جو نشانو نه بڻايو، سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته گذريل سال 9 مئي جي ڏينهن ڪراچي ۾ بسن کي باهيون ڏئي ساڙيو ويو، خيبر پختونخواهه ۾ ايمبولنسز کي باهه ڏني وئي، پي ٽي آءِ باني کي پنهنجو آئيڊيل سمجهندڙ اڄ جيل ۾ سڙي رهيا آهن، پي ٽي آءِ باني جي نيت ٺيڪ هجي ها ته هو سڀ کان پهرين پنهنجي اولاد کي پرڏيهه مان گهرائي ها، پي ٽي آءِ باني جي اولاد لنڊن جي ٿڌين هوائن ۾ گهمي رهي آهي، ملڪ جي هڪ هڪ شيءِ جو تحفظ ڪرڻو آهي