9 مئي سانحي تي چيف جسٽس جي سربراهي ۾ جوڊيشل ڪميشن جوڙي وڃي: بلاول ڀٽو زرداري
مارچ 4, 2024
بلاول ڀٽو زرداري پاران سائيفر معاملي تي پي ٽي آءِ باني خلاف ڪارروائي واري بيان تي قومي اسيمبلي ۾ گوڙ، سني اتحاد ڪائونسل جي ميمبرز پاران سخت احتجاج ۽ نعريبازي، پيپلزپارٽي جا ايم اين ايز بلاول جي چوڌاري حفاظت لاءِ سيڪيورٽي ڪڙو ٺاهي بيهي رهيا، بلاول چيو ته سائيفر هڪ قومي راز هو جيڪو پرڏيهي اخبار ۾ شايع ڪرايو ويو، پي ٽي آءِ باني ٽي وي تي اچي اعتراف ڪيو ته هن وٽان سائيفر جي ڪاپي گم ٿي وئي آهي، سائيفر واري معاملي ۾ ڪنهن آئين جي ڀڃڪڙي ڪئي آهي ته ان کي سزا ملڻ گهرجي، بلاول سائيفر معاملي جي انڪوائري لاءِ چيف جسٽس آف پاڪستان جي سربراهي ۾ جڊيشل ڪميشن جوڙڻ جو مطالبو به ڪيو، بلاول احتجاج ڪندڙ پي ٽي آءِ ميمبرز کي ڪارٽون قرار ڏيندي چيو ته اسان هنن جا ڪوڙ وائکا ڪندا رهنداسين، پي ٽي آءِ خلاف ڪا غير جمهوري ڪارروائي ٿي ته اسان هنن جو ساٿ ڏينداسين، عوام گاريون ڏيڻ لاءِ نه پر مسئلا حل ڪرڻ لاءِ ووٽ ڏنو آهي
….بلاول ڀٽو زرداري پاران سني اتحاد ڪائونسل جي نامزد صدارتي اميدوار محمود خان اچڪزئي جي گهر تي ڇاپي جي مذمت، قومي اسيمبلي ۾ ڳالهائيندي بلاول چيو ته وزيراعظم شهباز شريف ۽ بلوچستان جي وڏي وزير کي چوان ٿو ته هن معاملي تي ايڪشن وٺن، بلاول چيو ته محمود خان اچڪزئي صدارتي اميدوار آهي، اچڪزئي جي گهر تي ڇاپو هڻي صدارتي چونڊن کي بنا جواز جي تڪراري بڻايو پيو وڃي، اسپيڪر بلاول کي ڳالهائڻ لاءِ فلور ڏنو ته بلاول چيو ته محمود خان اچڪزئي کي فلور ڏنو وڃي، اسپيڪر اياز صادق محمود خان اچڪزئي کي چيو ته توهان سينيئر سياستدان آهيو، ذاتيات تي ڳالهائڻ کان پاسو ڪيو، وزيراعظم شهباز شريف چيو ته جيڪڏهن ذاتيات تي ڳالهايو ويو ته پوءِ ڳالهه گهڻي پري هلي ويندي، محمود خان اچڪزئي ڳالهائڻ شروع ڪيو ته پي ٽي وي قومي اسيمبلي جي جاري لائيو ڪارروائي بند ڪري ڇڏي…….