9 مئي سانحي تي مشروط معافي: گِهلڻ تي مون کان معافي ڇو نٿا وٺن؟ حسينه واجد جيان نواز ۽ زرداري ڀڄي ويندا: عمران خان
آگسٽ 8, 2024
اسلام آباد(بيورو رپورٽ) باني پي ٽي آءِ عمران خان 9 مئي سانحي تي مشروط معافي جو اعلان ڪندي چيو آهي ته آءِ ايس پي آر چيو ته 9 مئي تي معافي نه ڏينداسين ته پوءِ به اسان به معاف نه ڪنداسين، رينجرس مون کي گهليو، اغوا ڪيو ويو، پوءِ ته مون کان به معافي ورتي وڃي، ڇا توهان جو اهو حق ناهي ته معافي وٺو؟ هتي رڳو اسٽبلشمينٽ جي عزت آهي، پر هڪ پارٽي جي سربراهه جي ڪا به عزت ناهي. سي سي ٽي وي منظر تي آڻيو جيڪڏهن منهنجا ڪارڪن ملوث ثابت ٿيا ته سڀني کي سزا ملندي. اڊيالا جيل ۾ 190 ملين پائونڊ ريفرنس جي ٻڌڻي کان پوءِ صحافين سان ڳالهائيندي هن چيو ته اسان سان ظلم ٿيو، اسان جي 10 هزار ماڻهن کي جيلن ۾ وڌو ويو، اسان کي اليڪشن وڙهڻ نه ڏنو ويو، اسان جي پارٽي تي پابندي لڳائي وئي، اسان 9 مئي سانحي جا متاثر آهيون، اسان انصاف چاهيون ٿا. هن چيو ته اسان چيف جسٽس کي اهو به ٻڌايو ته انساني حقن جي ڀڃڪڙي ٿي آهي، اسان جي 25 مئي واري پٽيشن کي نه ٻڌو ويو، مون کي رينجرز پاران اغوا ڪيو ويو، سپريم ڪورٽ چيو هي غير قانوني آهي، مون کي ۽ منهنجي وڪيلن کي ماريو ويو ۽ گهليو ويو، ڇا آءِ ايس پي آر جي عزت آهي ٻيو ڪنهن جي به عزت ناهي، منهنجي اغوا تي مون کان معافي گهري وڃي. باني تحريڪ انصاف چيو ته جيڪڏهن پي ٽي آءِ جو هڪ به ڪارڪن سي سي ٽي وي فوٽيج ۾ نظر آيو ته معافي وٺندس، جيڪڏهن 9 مئي جي سانحي ۾ مهنجو ڪو پارٽي ڪارڪن نڪتو ته کيس پارٽي مان ڪڍيو ويندو، جيڪڏهن سي سي ٽي وي فوٽيجز ۾ اسان جو ڏوهه ثابت ٿيو ته معافي گهرنداسين. عمران خان چيو ته آئين اسان کي اجازت ڏئي ٿو ته ڪنٽونمينٽ بورڊ ۽ جي ايڇ ڪيو اڳيان پرامن احتجاج ڪريون، آءِ ايس پي آر پنهنجي اعمالن کي ڏسي. هن چيو ته مشرف نواز شريف، آصف زرداري جا ڪيس ڏيکاريا، انهن کي اين آر او 2 ڏنو ويو، نواز شريف ۽ آصف زرداري جا 1100 ارب رپين جا ڪيس معاف ڪيا ويا. 20 سيٽن واري پارٽي کي ٻيهر ڌانڌلي واري اليڪشن ذريعي اسان تي مسلط ڪيو ويو، آءِ ايس پي آر پنهنجي عمل سان پاڻ کي ذليل ڪري رهيو آهي، هي هڪ قومي ادارو آهي ۽ ان جو تحفظ اسان جي ذميواري آهي آءِ ايس پي آر جي عملن ماڻهن کي انهن جي خلاف ڪري ڇڏيو آهي، عوام هڪ پاسي بيٺا آهي ۽ هي ٻئي پاسي بيٺا آهن. باني تحريڪ انصاف چيو ته صوابي جي جلسي ثابت ڪري ڇڏيو ته عوام ڇا ٿو چاهي، جيڪڏهن فوج ڳالهائڻ نٿي چاهي ته نه ڳالهائي، اسان به نه ڳالهائينداسين. اسان ڪڏهن به فارم 47 واري حڪومت سان ڪنهن به صورت ۾ نه ڳالهائينداسين. معافي اهو گهرندو آهي جنهن غلطي ڪئي هجي، اسان ڪا غلطي ناهي ڪئي. منهنجو نالو، نواز شريف، آصف زرداري ۽ شهباز شريف جو نالو اي سي ايل ۾ شامل ڪيو وڃي. باني پي ٽي آءِ چيو ته بنگلاديش جي صورتحال کانپوءِ ملڪ ۾ ڪجهه خراب ٿيڻ وارو آهي، محسن نقوي جي گهرواري جو نالو به اي سي ايل ۾ شامل ڪيو وڃي، سندس 50 ڪروڙ جي ملڪيت ملڪ کان ٻاهر آهي.