اسلام آباد(مانيٽرنگ ڊيسڪ)تحريڪ انصاف پنجاب اليڪشن نظرثاني ڪيس ۾ جواب سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرائي ڇڏيو
تحريڪ انصاف اليڪشن ڪميشن جي نظرثاني واري درخواست رد ڪرڻ جي استدعا ڪئي آهي
تحريڪ انصاف پنهنجي جواب ۾ چيو آهي ته نظرثاني اپيل ۾ اليڪشن ڪميشن نوان نقطا اٿاريا آهن جڏهن ته نظرثاني اپيل ۾ نوان نقطا نٿا اٿاري سگهجي
اليڪشن ڪميشن چاهي ٿي ته سپريم ڪورٽ نظريه ضرورت کي زنده ڪري
اليڪشن ڪميشن جي چوڻ تي سپريم ڪورٽ آئين ۾ ترميم نٿي ڪري سگهي
90ڏينهن ۾ چونڊ آئيني تقاضا آهي