90 ڏينهن اندر چونڊن جو مطلب 90 ڏينهن ئي آهي، ڳالهيون ٻيهر شروع ڪيون وڃن: سپريم ڪورٽ

مَي 15, 2023

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ چيو آهي ته 90 ڏينهن اندر چونڊن جو مطلب 90 ڏينهن ئي آهي، ڳالهيون ٻيهر شروع ڪيون وڃن . پنجاب ۾ 14 مئي تي چونڊن واري حڪم تي عمل نه ٿيڻ ۽ اليڪشن ڪميشن جي داخل ڪيل نظرٿاني درخواست تي چيف جسٽس جي سربراهيءَ ۾ سپريم ڪورٽ جي 3 رڪني بينچ ٻڌڻي ڪئي. چيف جسٽس عمرعطا بنديال ريمارڪس ڏيندي چيو ته ٻاهر ڏسو ڇا ٿي رهيو آهي، ملڪي ادارن ۽ اثاثن کي ساڙيو پيو وڃي، وفاقي حڪومت بي وس نظر اچي رهي آهي، گذريل ڪجهه ڏينهن دوران جيڪو ٿيو آهي ان کي به ڏسنداسين. هن چيو ته  14 مئي تي چونڊون ڪرائڻ جو حڪم هو ته 14 مئي تي ئي عمل ٿيڻو هو،  90 ڏينهن اندر چونڊن جو مطلب 90 ڏينهن آهي، چيو ته ، پنهنجي ڪنڊڪٽ بابت عدالت کي مطمئن ڪيو، اليڪشن ڪميشن پهرين چونڊن لاءِ فنڊز ۽ سيڪيورٽي نه ملڻ جا مسئلا ٻڌايا، اڄ ته اليڪشن ڪميشن سپريم ڪورٽ جي اختيار تي ئي سوال اٿاري ڇڏيا آهن، هن چيو ته ٻيهر ڳالهيون ڪيون وڃن، اٽارني جنرل حڪومت جي مذاڪراتي ٽيم کي ٻاهر آڻي، حڪومت ڳالهين جي دعوت ڏئي ته پي ٽي آءِ جو وڪيل علي ظفر به پنهنجي قيادت سان ڳالهائي،بعد ۾ عدالت نظرثاني درخواست تي ٻڌڻي ايندڙ هفتي اڱاري تائين ملتوي ڪري ڇڏي جڏهن ته  وفاق، پنجاب، ڪي پي ۽ سياسي جماعتن ۽ کي نوٽيس جاري ڪيا ويا.

Leave A Comment