90 ڏينهن پورا ٿيڻ تائين طلاق غير موثر: مڙس کان حق ملڻ تي زال کي به طلاق واپس وٺڻ جو اختيار آهي: سپريم ڪورٽ

90 ڏينهن پورا ٿيڻ تائين طلاق غير موثر: مڙس کان حق ملڻ تي زال کي به طلاق واپس وٺڻ جو اختيار آهي: سپريم ڪورٽ

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) طلاق واپسي ڪيس ۾ سپريم ڪورٽ پنهنجو فيصلو ڏيندي چيو آهي ته طلاق 90 ڏينهن جو  مدو پورو ٿيڻ تائين موثر نٿي ٿي سگهي، جيڪڏهن  زال کي مڙس پاران غيرمشروط حق ڏنو ويو آهي ته ان کي طلاق واپس وٺڻ  جو به اختيار آهي، چيف جسٽس يحيٰ آفريدي جي سربراهي ۾ 3 رڪني بئنچ اپيل رد ڪندي يونين ڪونسل ۽ سنڌ هاءِ ڪورٽ جو فيصلو برقرار رکيو. چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس يحيٰ آفريدي جي سربراهي ۾ 3 رڪني بئنچ محمد حسن سلطان جي اپيل رد ڪري ڇڏي، جسٽس شفيع صديقي 12 صفحن تي ٻڌل فيصلو کيو جنهن ۾ يونين ڪائونسل ۽ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي فيصلي کي قانون موجب قرار ڏنو ويو. سپريم ڪورٽ پنهنجي فيصلي ۾ چيو آهي ته طلاق 90 ڏينهن جو مدو پورو ٿيڻ تائين موثر نٿي رهي سگهي، جيڪڏهن مڙس زال کي طلاق واپس وٺڻ  جو حق ڏنو ته اها واپس وٺي سگهي ٿي، کيس مڪمل  اختيار حاصل آهي، فيصلي ۾ وڌيڪ چيو ويو ته شادي کانپوءِ زال مڙس نيويارڪ ۾ رهندڙ هئا، زال 2023 ۾ ڌي سان گڏ نيويارڪ مان واپس ڪراچي آئي، زال 3 جولاءِ 2023 تي ڪراچي مان مڙس کي طلاق جو نوٽيس جاري ڪيو هو، زال 10 آگسٽ 2023 تي طلاق  جو نوٽيس واپس وٺڻ جي درخواست جمع ڪرائي هئي. سپريم ڪورٽ جي فيصلي موجب يونين ڪونسل ٻڌايو ته زال ان وقت نيويارڪ ۾ رهندي هئي، قانون موجب طلاق  جي ڪارروائي ان هنڌان ڏني ويندي آهي جتي زال رهندي هجي، يونين  ڪونسل چيو ته زال نيويارڪ ۾ آهي جيتوڻيڪ ڪراچي ۾ ڪارروائي جو اختيار نٿو ٺهي. يونين ڪونسل قرار ڏنو ته طلاق جي ڪارروائي پاڪستان مشن نيويارڪ جي ذريعي ٿيڻ گهربي هئي، پاڪستان جو قانون زال کي 90 ڏينهن اندر طلاق واپسي کي درست مڃي ٿو، زال کي نيويارڪ ۾ فائل ڪيل درخواست جو پاڪستان جي ڪارروائي سان ڪو تعلق ناهي. فيصلي ۾ چيو ويو اهي ته سنڌ هاءِ ڪورٽ يونين ڪونسل جي ٻنهي فيصلن کي درست قرار ڏيندي رد ڪري ڇڏيو هو، سنڌ هاءِ ڪورٽ قرار ڏنو هو ته زال کي 90 ڏينهن اندر طلاق جو نوٽس واپس ورتو ان لاءِ طلاق موثر ناهي ٿي، درخواست ۾ استدعا ڪئي وئي هئي ته ڇا طلاق ڪنهن به شڪل ۾ ڏني وئي هجي 90 ڏينهن اندر واپس وٺي سگهجي ٿي ڇا زال کي مليل طلاق جي اختيار ۾ طلاق واپس وٺڻ جو حق به شامل هوندو آهي ،  مڙس نڪاح نامي ۾ زال کي طلاق جو حق ڏنو هو.