90 ڏينهن ۾ چونڊون ممڪن ناهن، اها ڳالهه ڪريو، جيڪا ممڪن هجي، ڪير آئين جي ڀڃڪڙي ڪري ٿو ته آرٽيڪل 6 لڳندو: چيف جسٽس

آڪٽوبر 23, 2023

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو آهي ته 90 ڏينهن ۾ چونڊون ممڪن نه آهن، اها ڳالهه ڪريو، جيڪا ممڪن هجي، جيڪڏهن ڪير آئين جي ڀڃڪڙي ڪري ٿو ته آرٽيڪل 6 لڳندو

سُپريم ڪورٽ ۾ چونڊن بابت ڪيس تي ٻڌڻي دوران چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ريمارڪس ڏيندي چيو ته صدر اليڪشن جي تاريخ نه ڏني ته اسان ڇا ڪريون؟ ڇا اسان صدر کي تاريخ نه ڏيڻ تي نوٽيس ڏيون؟

هن چيو ته جيڪڏهن ڪير آئين جي ڀڃڪڙي ڪري ٿو ته آرٽيڪل 6 لڳندو، سڄو ڪيس ئي صدر جي اختيارن جو آهي، تاريخ ڏيڻ صدر جو اختيار آهي ته پوءِ چونڊن ۾ دير جو ذميوار ڪير آهي

چيف جسٽس چيو ته عام چونڊن وارو ڪيس ته ڏاڍو اهم آهي، هن ڪيس جي فوري طور ٻڌڻي ٿيڻ گهرجي ها، هيل تائين ته هن ڪيس جو فيصلو اچي چڪو هجي ها

عدالت وفاقي سرڪار ۽ اليڪشن ڪميشن کي نوٽيسز جاري ڪري ڇڏيا

Leave A Comment