994 لاپتا قرار ڏنل ماڻھو مختلف حراستي مرڪزن ۾ قيد، 261 لاش مليا: کنڀيلن کي پيش ڪرڻ وارا ڪميشن جا حڪم نه هليا

جنوري 10, 2024

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ جي حڪم تي لاپتا ماڻھن جي ڪميشن سمورا تفصيل اٽارني جنرل وٽ جمع ڪرائي ڇڏيا. جمع ڪرايل تفصيلن مطابق لاپتا ماڻھن جا سڀ کان وڌيڪ 3485 ڪيس خيبرپختونخواھ ۾ رپورٽ ٿيا. لاپتا ماڻھن جي ڪميشن طرفان جمع ڪرايل تفصيلن مطابق جنگي صورتحال سبب خاندان کي ٻڌائڻ بغير ٻين ملڪن ڏانھن منتقل ٿيڻ بھ جبري گمشدگي ڪيسن جو ڪارڻ آھي. ڪميشن رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آھي تھ خيبرپختونخواھ مان شھرين جي لاپتا ٿيڻ جو ڪارڻ شرپسندي، حالت جنگ ۽ ڊرون حملن سبب فوتگيون آھن. رپورٽ مطابق بلوچستان مان 2752 شھرين جي جبري گمشدگي جا ڪيس موصول ٿيا. رپورٽ ۾ چيو ويو آھي تھ لاپتا ماڻھن کي پيش ڪرڻ جي لاءِ 744 پروڊڪشن آرڊر جاري ڪيا ويا. جن مان صرف 52 تي عمل ٿيو. جڏھن تھ جاري ڪيل 692 پروڊڪشن آرڊرز تي لاڳاپيل اختيارين عمل ناھي ڪيو. رپورٽ مطابق پروڊڪشن آرڊر تي نظرثاني جي لاءِ پوليس ۽ حساس ادارن 182 درخواستون ڏنيون. عمل درآمد نھ ٿيندڙ پروڊڪشن آرڊرز مان 503 ڪي پي ڪي جا آھن. رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آھي تھ مارچ 2011 کان ڊسمبر 2023 تائين 4413 لاپتا ماڻھو گھرن ڏانهن واپس پھتا. جڏھن تھ 994 لاپتا قرار ڏنل ماڻھو مختلف حراستي مرڪزن ۾ قيد آھن. ان کان علاوا لاپتا 644 ماڻھو ملڪ جي مختلف جيلن ۾ قيد آھن. ڪميشن جي رپورٽ مطابق مارچ 2011 کان ڊسمبر 2023 تائين 261 لاپتا ماڻھن جا لاش مليا. ڪميشن 1477 ڪيسن کي جبري گمشدگي قرار نھ ڏيندي خارج ڪري ڇڏيو. خارج ڪيل ڪيس ڀنگ لاءِ اغوا، ذاتي رنجشن يا پاڻ مرادو روپوش ٿيڻ ڪارڻ ھيو. ڪميشن ۾ پنجاب جي 260، سنڌ جي 163 ۽ ڪي پي جي جي 1336 ڪيس زير التوا آھن. جڏھن تھ آزاد ڪشمير جا 15 ڪيس زير التوا آھن.

Leave A Comment