شاهه لطيف ٽائون ۾ ٻار جي گٽر ۾ ڪري فوت ٿيڻ واري معاملي تي توهين عدالت جا نوٽيس جاري
مَي 20, 2024
ملير جي عدالت شاهه لطيف ٽائون ۾ ٻار جي گٽر ۾ ڪري فوت ٿيڻ واري معاملي تي ايس ايس پي ملير، ايس ايڇ او ۽ ٻين کي توهين عدالت جا نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا
سڀاڻي رپورٽ سوڌو عدالت آڏو پيش ٿيڻ جو حڪم، 21 مارچ تي 7 سالن جو ٻارڙو محسن لاشاري کليل گٽر ۾ ڪري فوت ٿيو هو، عدالت ڊي سي ملير، ڊي جي ايم ڊي اي ۽ ٻين خلاف واقعي جو ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو