A Glance at Societies … اوائلي تھذيبون ۽ جديد دنيا … ڊاڪٽر ثناءُالله رستماڻي

                 ڪيمبرج يونيورسٽي ۾  عالمي تباهي وارن خطرن کي سمجهڻ ۽ روڪڻ واري اداري، سينٽر فار دي اسٽڊي آف ايگزسٽينشنل رٍسڪ ۾ سينيئر ريسرچ ايسوسئيٽ طور ڪم ڪندڙ ۽ عالمي سطح تي معاشيات، انساني جاگرافي ۽ ماحوليات جي موضوعن تي ليڪچر ڏيندڙ ليکڪ لُوڪ ڪيمپ (Luke Kemp) جو سماجي زوال جي تاريخ ۽ مستقبل بابت تازو ٻه ھزار پنجويھ ۾ شايع ٿيندڙ ڪتاب

Goliath’s Curse: The History and Future of Societal Collapse

 عالمي ميڊيا جي ڌيان جو مرڪز رھيو آھي. ليکڪ ھن ڪتاب ۾ تھذيبن جي طرز حڪمراني جي مثبت ۽ منفي پاسن جو قديم تاريخي حوالن سان تفصيلي جائزو ورتو آهي.

                 اوائلي تھذيبن جو ذڪر ڪندي ڪيمپ پنھنجي ڪتاب ۾ لکي ٿو ته جديد دور جي شڪاگو کان لڳ ڀڳ پنج سؤ ڪلوميٽر ڏکڻ اولھ طرف، مسيسيپي درياه جي ڪناري تي سڌين چوٽين وارن مٽيءَ جي ٺھيل اهرامَن وارو ھڪ شھر آباد ھوندو ھو. آمريڪا جو پھريون حقيقي شھر  قھوڪيا Cahokia، ھڪ ھزار سال اڳ ۾ ڏھن کان پندرهن ھزارن جي ماڻهن جي ابادي وارو شھر ھو. ان جي اھم پيداوار زراعت ھئي ۽ ھو مڪئي جو فصل پوکيندا هئا.  شھر کي ضروري سامان مھيا ڪندڙ زرعي مرڪز کي ختم ڪيو ويو. نتيجي طور ماڻهو شھر ڇڏڻ تي مجبور ٿيا. پنجاھ سالن ۾ اڌ آبادي لڏپلاڻ ڪري وئي ۽ ڪجھ سالن ۾ پورو شھر ويران ٿي ويو. ٻي پاسي ايٽلانٽڪ سمنڊ جي پرئين ڀر، اٺ ھزار ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي روم جو شھر واقع آهي. ڪنھن زماني ۾ يورپ جي وڏي ۽ طويل عرصي تائين ھلندڙ  سلطنت جي لاءِ ڌڙڪندڙ دل جي مثال ھو.

ليکڪ جي مطابق، ماڻهو قھوڪيا جي باري ۾ گھٽ ڄاڻن ٿا.  قھوڪيا جي برعڪس، روم مڪمل طور تباھ نه ٿيو، اڄ به اٺاويھ لکن جي آبادي وارو زندہ ۽ متحرڪ شھر آھي. روم جي ثقافت ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن جو مرڪز قسطنطنيا اڄ جو استنبول آهي. قھوڪيا ۽ روم ٻئي تباھ ٿيا، مگر ٻنهي کي الڳ نظرن سان ڏٺو وڃي ٿو. قھوڪيا مڪمل طور تي تباھ ٿي ويو، جڏهن ته روم مان ٻين رياستن جنم ورتو.  ڏسڻو اهو آهي ته انھن وٽ موجود طاقت جو نظام انھن ماڻھن جي صحت ۽ خوشحالي لاءِ ڪھڙي معني رکندو هو. انھن معاشرن جي زوال تي ڳالھائيندي ھن ليکڪ جو چوڻ آهي ته ‘اوھان زوال جي ڌاڳي کي ڇڪيو ٿا ته زوال جي پوري چادر اُڊڙڻ  شروع ٿئي ٿي.’

لُوڪ ڪيمپ ماضي جي انھن رياستن کي قديم تھذيب ڪونه ٿو سمجهي. سندس مطابق، تھذيب مان مراد آھي سماجي برابري ۽ انصاف تي ٻڌل معاشرو. پنھنجي ڪتاب ۾  تھذيب جي وضاحت ڪندي لکي ٿو ته: قهوڪيا ۽ روم ۾ جيڪو ڪجهه اسان ڏسون ٿا، ان لاءِ “تهذيب” جو لفظ بلڪل مناسب نٿو لڳي. تھذيب يا سِويلائيزيشن لاطيني لفظ civilitas مان نڪتل آهي، جنهن جو مطلب ضبط، اعتدال ۽ سٺي سياسي روش آهي. غلامي، جنگ، پدرشاهي، جيئن قاهوڪيا جي پادرين نوجوان ڇوڪرين کي قربان ڪيو، روم ۾ غلامن کي صليب تي چاڙهيو ويو، اھي ڪي سٺا عمل ناهن جن کي اسين مهذب رويو سمجهون. ساڳي ريت، وڏي پيماني تي قربانيون ڪرائڻ يا اهڙا بم ٺاهڻ، جيڪي شهرن کي مڪمل طور تباھ ڪري ڇڏين، انهن لاءِ نه قربانيءَ جو جذبو گهرجي، نه شائستگي ۽ نه ئي جمهوريت. ان لاءِ مٿان کان هيٺ تائين حڪم جي پيروي ڪرڻ ضروري هوندي آهي، جيڪا تشدد جي ڌمڪي وسيلي لاڳو ڪئي ويندي آهي، جيڪي عمل تھذيب جي دائري ۾ ڪونه ٿا اچن.

 ڪيمپ تشدد جي بنياد تي ٻڌل معاشري کي گولئاٿ Goliath ڪوٺي ٿو، جنهن نظام ۾ ڪجھ ماڻهو، اڪثريت وارن ماڻهن تي قبضو ڪري، توانائي ۽ وسيلن تي ڪنٽرول ڪندا آهن.  سندس مطابق، گولئاٿ معاشرو پٍتل جي دؤر ۾ شروع ٿيو.  ھي معاشرا وڏي پکيڙ رکندڙ ۽ تشدد تي ٻڌل معاشرا ھئا، جيڪي پنھنجي وجود ۾ تھذيبون نه پر گُلائياٿ ھئا. گولئاٿ بنيادي طور طبقاتي فرق رکندڙ معاشرو ھوندو آھي جنھن ۾ امير غريب، آقا غلام مرد عورت جي الڳ حيثيت ھوندي آھي ۽ اھي معاشرا اختيارن تي ڪنٽرول ۽ تشدد جي آڌار تي منظم ٿيندا آهن، ڪيمپ چواڻي اھڙي نظام کي روم يا چين جي سلطنت سان ڀيٽي سگھجي ٿو.

ليکڪ ھن ڪتاب ۾ شروعاتي زرعي سماج جي قيام لاءِ ٿيندڙ ڪوششن کان وٺي پٍتل جي دؤر تائين ۽ ميسو آمريڪي سماجن جهڙوڪ ايزٽيڪ ۽ مايا، چيني سلطنت جو اڀرڻ، ٽٽڻ ۽ ٻيهر ٺهڻ، رومي سلطنت جو زوال، يورپي نوآبادياتي سلطنتن جي توسيع ۽ ان جي نتيجي ۾ مقامي سماجن جي تباهيءَ، بي دخلي ۽ سماجي  خلفشار سان گڏ ٽيڪنالاجي جي طاقت ۽ ان جي منفي پاسن جو پڻ تفصيلي جائزو ورتو آھي.

سنڌو ماٿريءَ جي تھذيب جو ذڪر ڪندي لُوڪ ڪيمپ ماخذن جي حوالي سان وضاحت ڪري ٿو ته سنڌو ماٿريءَ جي تهذيب زرعي پيداوار تي ٻڌل سماجن مان هڪ اهڙي نرالي مثال هئي، جتي ڪڏهن به مضبوط مرڪزي رياست يا طاقتور حڪمراني جو نظام قائم نه ٿيو. هي سماج، جيڪو لڳ ڀڳ ٻٽيھ سؤ قبل مسيح ۾ وجود ۾ آيو. اڄ جي پاڪستان واري سنڌو ماٿريءَ ۾ واپار ذريعي پاڻ ۾ ڳنڍيل ڪيترن شهرن تي مشتمل هو۔

ڪيمپ وڌيڪ ٻڌائي ٿو ته موهن جو دڙو هن تهذيب جو سڀ کان وڏو شهر هو، جنهن جي عروج واري دور ۾ آبادي لڳ ڀڳ چاليھ هزار کان سٺ هزار ماڻهن تائين پهتل هئي. شهر ۾ گڏيل غسل خانا ۽ عوامي استعمال لاءِ کليل وڏا هال موجود هئا، جن لاءِ باقاعده پاڻي جي نيڪال( پلمبنگ) جو نظام ٺهيل هو. جيتوڻيڪ علائقي ۾ کاڌي جا وسيلا، خاص طور تي چانور ۽ جوار وڏي مقدار ۾ موجود هئا ۽ هي دريائي ماٿريءَ ۾ واقع هو، تڏهن به هتي امير ۽ غريب جي فرق يا سماجي تفاوت جا واضح ثبوت نٿا ملن. ھي سماج اهڙو هو، جنهن وٽ طاقتور رياست قائم ڪرڻ يعني گولئآٿ جا سبب ته هئا، پر اهڙي رياست ڪڏهن به وجود ۾ نه آئي۔

ممڪن آهي ته گھٽ آباديءَ ھجڻ جي ڪري سنڌو ماٿريءَ ۾ ڪو وڏو رياستي ڍانچو پيدا نه ٿي سگهيو. سنڌوءَ جا شهر قديم اُروڪ يا مصر جي شهرن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ پکڙيل هئا، جنهن ڪري ماڻهن کي نه ته وسيلن جي حفاظت لاءِ سخت مقابلو ڪرڻو پيو ۽ نه ئي پاڙيسرين سان برتريءَ جي ڊوڙ ۾ شامل ٿيڻ جي گهڻي ضرورت هئي. اهو به ٿي سگهي ٿو ته هتي اهڙا سماجي قدر ۽ روايتون موجود هيون، جيڪي طاقت جي بالادستيءَ جي مخالفت ڪنديون هيون ۽ رياست جي قيام کي روڪينديون هيون. اهڙيون ثقافتي خاصيتون اڄ اسان لاءِ گهڻو ڪري اڻڄاتل آهن، تنهن ڪري في الحال يقين سان ڪجهه چوڻ مشڪل آهي۔

ليکڪ آخر ۾ لکي ٿو ته جيڪو به سبب هجي، هن تهذيب جي غيرمعمولي برابري ۽ لڳ ڀڳ هزار سال تائين قائم رهڻ باوجود، آخرڪار سنڌو ماٿريءَ جي تهذيب زوال جو شڪار ٿي وئي. ان کان تقريباً هڪ هزار سال پوءِ ڏکڻ ايشيا ۾ مگڌا سلطنت (Maghada Empire) جهڙيون طاقتور بادشاهتون وجود ۾ آيون.

لُوڪ ڪيمپ انسان جو نفسياتي جائزو وٺندي لکي ٿو ته اڪثر انسان اسٽيٽس Status يا حيثيت جي حاصلات جي خواهش رکندا آهن. آمريڪي رياست ٽيڪساس جي ھڪ ارب پتي تيل جي صنعتڪار هيرلڊسن ايل. هَنٽ، جيڪو ويهين صدي جي شروعات ۾ دنيا جي امير ترين ماڻهن مان هڪ هو ۽ جنهن جي دولت جو اندازو 700 ملين ڊالر تائين لڳايو ويو، اسٽيٽس بابت هن جو خيال ھو ته، ‘عملي طرح جنهن شخص جي سالياني آمدني ٻه لک ڊالر آهي، اهو به ايترو ئي خوشحال آهي، جيترو آئون آهيان. پئسو صرف اسڪور رکڻ جو هڪ طريقو آهي. وڌيڪ ‘اسڪور’ حاصل ڪرڻ، اصل ۾ اسٽيٽس يا حيثيت جي راند ۾ کٽڻ جي ھڪ  ڪوشش آهي.’

ھن جو وڌيڪ چوڻ آهي ته،  ‘اسان مان گهڻن کي جيڪا وراثت ڇڏڻ جي شديد خواهش ھوندي آهي، يعني مرڻ کان پوءِ ياد رکيو وڃڻ جي خواهش، اها خواهش اصل ۾ قبر کان پوءِ به اسٽيٽس يا حيثيت جي تلاش ھجي ٿي. اسٽيٽس لاءِ مقابلو ڪرڻ ڄڻ ته اسان جي فطرت ۾ سمائجي وئي آهي.’

ڪتاب جي مارڪيٽ ۾ اچڻ کان ڪجهه مهينا اڳ ۾ لُوڪ ڪيمپ ٻين تي حڪمراني پسند ڪندڙ ماڻھن جو نفسياتي جائزو وٺندي ھڪ ليڪچر پروگرام ۾ چيو ته ڪجهه ماڻهو طاقت ۽ حيثيت يعني اسٽيٽس پسند ڪن ٿا، اهي ان تائين پهچڻ لاءِ زور، تشدد ۽ ڌمڪيون استعمال ڪندا آهن. ان کي “ڊارڪ ٽرائڊ” چيو ويندو آهي، جيڪو ٽن خراب سماجي خاصيتن جو ميلاپ آهي. انهن خاصيتن ۾  سائڪوپٿي يعني ٻين جي احساسن جي پرواهه نه ڪرڻ، همدردي جي کوٽ ۽ بي حسي شامل آهن. اهڙا ماڻهو  نارسسٽ يعني پاڻ کي تمام اهم ۽ وڏو سمجهندا آهن ۽ ٻين کي پنهنجن فائدن لاءِ استعمال ڪرڻ ۾ ڪو عار محسوس نه ڪندا آهن. ڪيمپ موجب، عام طور تي طاقتور ماڻهو انهن ڄاڻايل خاصيتن وارا هوندا آهن. تاريخ ۾ به بادشاهه اڪثر پاڻ کي وڏو ظاهر ڪرڻ جون مختلف دعوائون ڪندا هئا.

لُوڪ ڪيمپ جي ھن ڪتاب کي عالمي سطح تي وڏي مڃتا ملي آهي. مختلف اشاعتي ادارن طرفان بيسٽ سيلر ۽ سال جي بھترين ڪتابن جي لسٽ ۾ شامل ڪيو ويو آهي.

روزاني دي آبزرور جي ستاويهن جولاءِ ٻه ھزار پنجويھ واري شماري۾ تجزيا نگار بين اٍيسٽ لکيو آھي ته  ڪيمپ، گولئآٿ نما بادشاهن، رياستن ۽ سلطنتن جي زوال جي حوالي سان انسانيت جي تاريخ جو هي شاندار جائزو پيش ڪيو ويو آهي، جنهن۾ ۾ لُوڪ ڪيمپ اهو سمجهي ٿو ته هر دور ۾ فنا جا خدشا موجود رهيا آهن ۽ اهي سڀ منفي نه هئا. پر هاڻي، جيئن ته اسان جا نظام هڪ ٻئي سان تمام گهڻو ڳنڍيل آهن۽ ڪو به خطرو تباھ ڪندڙ ٿي سگهي ٿو. ليکڪ مطابق، ماحولياتي تبديلي ۽ وڏي ٽيڪنالاجي واري گولئاٿ کي حقيقي۽ ترقي پسند جمهوريت ذريعي شڪست ڏئي سگهون ٿا.

روزاني دي گارجين، ٻه آگسٽ ٻه ھزار پنجويھ جي شماري ۾ ماحولياتي ايڊيٽر ڊيمين ڪيئرنگٽن لکي ٿو ته، ڪيمپ جي نئين ڪتاب ۾ گذريل پنج ھزار سالن ۾ چار سؤ کان وڌيڪ سماجن جو عروج ۽ زوال بيان ڪيو ويو آهي ۽ ليکڪ کي ھي ڪتاب لکڻ ۾ ست سال لڳي ويا. ڪتاب مان حاصل ٿيندڙ سبقن جي باري ۾ ھو ٻڌائي ٿو ته ماڻهو بنيادي طور تي برابري پسند آهن، پر مالدار ۽ حيثيت يا اسٽيٽس جي جنون ۾ مبتلا اشرافيا انهن کي زوال ڏانهن وٺي وڃن ٿيون، جڏهن ته ماضي جي ڪيترن زوالن عام شهرين جي زندگي لاءِ بھتري پڻ پيدا ڪئي. تجزيا نگار جو وڌيڪ چوڻ آهي ته ھي ڪتاب مختلف علائقن ۾ وجودي خطرن جي مقابلي ۾ حڪومت، ڪمزوري ۽ جمهوري اصلاح بابت عالمي بحث کي متحرڪ ڪري ٿو.

ان کان علاوه، ڪئناڊا جي برٽش ڪولمبيا وڪٽوريا ۾ قائم رائل روڊز يونيورسٽي سان وابسته ھڪ اداري ڪتاب تي تبصرو ڪندي لکيو آهي ته اڄ اسان هڪ ئي ‘عالمي گولئاٿ’ جي اثر هيٺ زندگي گذاري رهيا آهيون، جيڪو فوسل فيول،  صنعتن، وڏي ٽيڪنالاجي وارين ڪمپنين پاران ٺهيل آهي. جيئن ته ھي نظام هاڻي انتهائي تيز، پيچيده ۽ ڳنڍيل آهي، تنھن ڪري ليکڪ خبردار ڪري ٿو ته مستقبل جو ڪو به زوال عالمي، تيز ۽ ناقابل واپسي ٿي سگهي ٿو. لُوڪ ڪيمپ اهڙي نقصان کان بچڻ لاءِ عالمي سطح تي جمهوري اصلاحات جي اپيل ٿو ڪري.