هڪ جماعت جي گمراهه ڪرڻ تي عدالت ڀرتين تي پابندي لڳائي: وڏو وزير مراد علي شاهه
جُولاءِ 6, 2024
سنڌ ۾ هڪ سياسي جماعت جي گمراهه ڪرڻ تي عدالت ڀرتين تي پابندي لڳائي، اهي ڀرتيون به عدالتي حڪم تي ئي ڪيون ويون هيون، هڪ کان پندرهين گريڊ تائين جي ملازمن جون جلد ٻيهر ڀرتيون شروع ڪنداسين: سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه جون دادو ۾ ميڊيا سان ڳالهيون
ايم اين اي رفيق جمالي سان ڀاءُ جي لاڏاڻي تي تعزيت بعد ڳالهائيندي وڏي وزير چيو ته ايم اين وي ڊرين جي حالت اڃا به خراب آهي، گذريل ٻوڏ دوران گهارا لڳڻ سبب ڪيترائي علائقا ٻڏا هئا
ڊرين جي مرمتي ڪم لاءِ ڪيترائي ڀيرا وفاق کي چيو اٿئون، وفاق مدد نه به ڪئي ته سنڌ حڪومت پاران ايم اين وي ڊرين جو ڪم ڪرائيندي
آپريشن عزم استحڪام بابت پڇيل سوال جي جواب ۾ وڏي وزير چيو ته پي ٽي آءِ پاران وزيراعظم جي ڪوٺايل اي پي سي ۾ شرڪت جو فيصلو مثبت ۽ آجيان ڪرڻ جوڳو آهي، خيبر پختونخواهه جي وڏي وزير کي ڌمڪيون ڏيڻ بدران وفاق سان گڏجي ڪم ڪرڻ گهرجي