زمين جي ٽڪري لاءِ قتل عام، دولتپور ويجهو ڏاهري ڌرين ۾ جهيڙو، فائرنگ، 7 ڄڻا گولين جو کاڄ، 7 مرڻينگ

مارچ 25, 2024

نوابشاهه/دولتپور صفن/قاضي احمد (رپورٽ: اياز ڏاهري/پيرل پلي/الهه رکيو سيال) دولتپور صفن ويجهو 12 ايڪڙ زمين تڪرار تان ڏاهري ڏرين ۾ رتو ڇاڻ، هڪٻئي خلاف هٿيارن جا منهن کولي ڇڏيا، 7 ڄڻا مارجي ويا، 7 ڄڻا زخمي، ڌرين ۾ سخت ڇڪتاڻ، خبر موجب پٻجو ٿاڻي جي حد ڳوٺ واحد رکيو ڏاھري ۾ 32 ايڪڙ مقاطعي جي زمين  جي 12 ايڪڙ تي پوکيل ڪڻڪ جي فصل کڻڻ تان ڏاهري برادري جي ٻن ڌرين ۾ فجر مهل جهيڙو ٿي پيو، جنهن دوران ٻنهي ڌرين هڪ ٻئي خلاف هٿيارن جا منهن کولي ڇڏيا، فائرنگ جي نتيجي ۾ 7 ڄڻا مارجي ويا، جڏهن ته 7 ڄڻا زخمي ٿي پيا، قتل ٿيلن ۾ ڳوٺ ننگر مڪان واسي روشن ڏاهري، ڳوٺ کڙ واسي مختيار ڏاهري، ڳوٺ نور محمد قبا واسي مبين ڏاهري، مراد ڏاهري، ڳوٺ سن واسي ابراهيم ڏاهري، ڳوٺ ڇر واسي بشير ملاح ۽ ٻئي ڌر جو ڳوٺ واحد رکيو ڏاهري واسي عبدالغني ڏاهري شامل آھن، جڏهن ته زخمين ۾ سعيد خان ڏاهري، غلام رسول ڏاهري، غلام قادر ڏاهري، نبي بخش ڏاهري، غلام شبير ڏاهري شامل آهن، واقعي جي اطلاع تي پٻجو، دولتپور، قاضي احمد، نواب شاهه، جمال شاهه سميت ٻين ٿاڻن جي پوليس پهچي جھيڙيندڙ ڌرين وچ ۾ ھلندڙ فائرنگ بند ڪرائي ۽ لاش پنھنجي تحويل ۾ وٺي ايڌي ايمبولنسز ذريعي شاھپور جھانيان اسپتال منتقل ڪيا، جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيا ويا، هوڏانهن ٻئي ڌر جو قتل ٿيل عبدالغني ڏاهري جو لاش ۽ 5 زخمين کي نوابشاهه جي پي ايم سي اسپتال منتقل ڪيو ويو، آخري اطلاعن تائين 7 ڄڻن جي مارجڻ واري واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو، واقعي بعد علائقو نو گو ايريا بڻجي ويو ۽ ماڻهو گهرن تائين محدود ٿي ويا.

لاڳاپيل پوسٽون

  • ڀارت، پاڻيءَ کي هٿيار طور استعمال ڪري پيو: بلاول

  • خانپورمهر : هڪ نينگري ٻڏي فوت، ٻن کي بچايو ويو

  • گنداخاڀرسان هٿياربندن هٿان هڪ ڄڻو قتل

  • بجيٽ کان هڪ ڏينهن اڳ گهٽ پئسا ڏيڻ جو چيو ويو: وڏو وزير