سپاهي هجي يا آفيسر سڀني جو هڪجهڙو احتساب ٿيندو: اڳوڻا فوجي آفيسر

آگسٽ 13, 2024

اسلام آباد: اڳوڻن اعليٰ فوجي آفيسرن جو چوڻ آهي ته فوج ۾ احتساب جو نظام تمام گهڻو سخت آهي. انهي لاءِ فوج ۾ ڊسيپلين قائم آهي ڪو به آفيسر ڏوهه ڪري يا سپاهي احتساب جو عمل هڪ جهڙو ٿيندو آهي

خانگي ٽي وي سان ڳالهائيندي برگيڊيئر (ر) بابر چيو ته اها ڪا غير معمولي ڪارروائي ناهي. فوج ۾ اهڙيون ڪارروايون ٿينديون رهنديون آهن جوابدار کي پنهنجي دفاع جو پورو حق حاصل هوندو آهي

برگيڊيئر (ر)  حارث نواز چيو ته فوج جو احتساب جو نظام تمام گهڻو سخت آهي، ان ڪري ئي فوج ۾ ڊسيپلين قائم آهي، ميجر (ر) ميثم رضا جو چوڻ هو ته فوج ۾ جيڪو ڏوهه ڪري احتساب جو عمل هڪجهڙو هوندو آهي

برگيڊيئر (ر) مسعود جو چوڻ هو ته اهو قدم سڀني لاءِ واضح پيغام آهي، فوج اڳوڻي اعليٰ آفيسر خلاف ڪارروائي ڪري رهي آهي. ڊجيٽل دهشتگردي خلاف به ڪارروائي ٿي سگهي ٿي

ميجر جنرل (ر) طارق رشيد جو چوڻ هو ته ڪورٽ مارشل ۾ پراسيڪيوشن ڪيس ثابت ڪندو، فيض حميد کي دفاع جو پورو موقعو ڏنو ويندو. فوج ۾ هفتن اندر ڪيس جو فيصلو ٿي ويندو آهي.

Leave A Comment