شفاف ٽرائل بنا معصوم شخص کي ڦاهي چاڙهيو ويو، ضياءَ فائدو کنيو: ڀٽو ڪيس ۾ سپريم ڪورٽ جي راءِ
جُولاءِ 9, 2024
اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ پاران شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي عدالتي قتل بابت صدارتي ريفرنس تي تفصيلي راءِ جاري ڪري ڇڏي، چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ 48 صفحن تي ٻڌل راءِ لکي، لکت ۾ جاري ڪيل تفصيلي راءِ ۾ چيو ويو آهي ته شفاف ٽرائل بنا معصوم شخص کي ڦاهيءَ تي چاڙهيو ويو، ملڪ ۽ عدالتون اُن وقت مارشل لا جي قيد ۾ هيون، آمر جي وفاداري جو حلف کڻندڙ جج جون عدالتون عوام جون عدالتون نه رهنديون آهن، ذوالفقار علي ڀٽو جي ڦاهيءَ واري فيصلي جو سڌي ريت فائدو جنرل ضياءُ کي ٿيو، جيڪڏهن ڀٽو آزاد ٿئي ها ته ضياءُ الحق خلاف سنگين غداري جو ڪيس هلائي پئي سگهيو، جسٽس جمال مندوخيل ۽ جسٽس حسن اظهر رضوي صدارتي ريفرنس تي راءِ سان اتفاق ڪيو، جسٽس طارق مسعود ۽ جسٽس منصور علي شاهه لکت ۾ راءِ ۾ اضافي نوٽ ڏيندا. سپريم ڪورٽ پنهنجي راءِ ۾ چيو ته ايف آءِ اي ڀٽو ڪيس جي فائل ملڻ کان اڳ ئي جاچ شروع ڪري ڇڏي هئي، پوليس جاچ مڪمل ڪري چڪي هئي ته ايف آءِ اي کي ٻيهر فائل کولڻ جو اختيار نه هيو، ڀٽو ڪيس جي جاچ ٻيهر ڪرڻ جو ڪو به عدالتي حڪم موجود نه هيو. هاءِ ڪورٽ پاڻ ٽرائل ڪري قانون جي ڪيترن ئي شقن کي غير موثر ڪري ڇڏيو. ذوالفقار علي ڀٽو جي بنيادي حقن جي خلاف ورزي انهن ڪئي جن جي ذميواري اُن جو تحفظ هيو. ڀٽو ڪيس ۾ شفاف ٽرائل جي گهرجن کي پورو نه ڪيو ويو. ذوالفقار علي ڀٽو جي خلاف ڪي به سڌي ريت شاهديون موجود نه هيون. قتل جو الزام ايف ايس ايف نالي فورس جي ذريعي لڳايو ويو هو. واقعي ۾ استعمال گولي جو کول ايف ايس ايف جي هٿيارن سان هڪجهڙائي نه رکندو هيو. عدالتن ذوالفقار علي ڀٽو کي پارليامينٽ ۾ تقرير کي به فيصلن ۾ جواز ٻڌايو. پارليامينٽ ۾ ڪيل تقرير کي ڪنهن ميمبرجي خلاف عدالتن ۾ استعمال نٿو ڪري سگهجي.