آبادگار بورڊ پاران ڪارپوريٽ فارمنگ تي ڳڻتي: پاڻي ناهي، واڌو زمينون ڪيئن آباد ٿينديون؟ اڳواڻ
اپريل 15, 2024
ڪڙيوگهنور (رپورٽ: عبدالرسول سمون) سنڌ آبادگار بورڊ جي صدر محمود نواز شاهه چيو آهي ته ارسا ايڪٽ ۾ آرڊيننس ذريعي ڪنهن ترميم کي برداشت نه ڪبو، 1991ع واري پاڻي ٺاهه ۾ پاڻي ورڇ جو طريقيڪار ۽ ارسا ايڪٽ ۾ ارسا چيئرمين توڙي ميمبرن جي مقرري توري چونڊ جو طريقيڪار طئه ٿيل آهي. موجوده ايڪٽ هيٺ ارسا چيئرمين 5 ميمبرن مان واري واري سان ٿيڻو آهي، وفاقي سرڪار ڪنهن ٻاهرين ماڻهو کي ارسا چيئرمين مقرر ڪري نٿي سگهي
ڳوٺ جوُڻا ۾ سنڌ آبادگار بورڊ جي مرڪزي اجلاس کي خطاب ڪندي هن چيو ته ارسا جي بنيادي ذميواري 1991ع واري معاهدي تي عمل ڪرائڻ آهي. پاڻي جي ورڇ واري معاملي ۾ اسان کي چوڪس رهڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته غيرآباد زمينن کي آباد ڪرڻ بابت ماڻهن ۾ غلط سوچ پيدا ڪئي وئي آهي، انهي سوچ هيٺ ايس آءِ ايف سي پاران ڪارپوريٽ فارمنگ ڪئي پئي وڃي
هن چيو ته اسين نه ته غير آباد زمين آباد ڪرڻ خلاف آهيون ۽ نه ئي ڪارپوريٽ فارمنگ جي انهي منصوبي جي مخالفت ڪريون ٿا پر اسان جو رڳو هڪ سوال آهي ته ڪارپوريٽ فارمنگ هيٺ آباد ٿيندڙ واڌو زمينن لاءِ پاڻي ڪٿان ايندو؟ نئين ميگا منصوبي تي عمل کان اڳ انهي سوال جو جواب ضروري آهي
هن چيو ته هن وقت بئراجن ۽ واهن جي ڪمانڊ ايريا وارين زمينن کي ئي پنهنجي حصي وارو پاڻي نه ٿو ملي، اهڙي صورت ۾ ٻي غير آباد زمين لاءِ پاڻي ڪٿان ايندو؟ هن چيو ته پهرين پاڻي وسيلن جو انتظام ڪيو وڃي، انهي کانپوءِ ئي ڪارپوريٽ فارمنگ واري رٿا تي اڳتي وڌڻ گهرجي
اجلاس کي خطاب ڪندي ايس يو پي جي صدر سيد زين شاهه چيو ته سنڌ آبادگار بورڊ سنڌ جي آبادگارن جو هڪ سگهارو آواز آهي، جيڪو لاڳيتو آبادگارن لاءِ پاڻ پتوڙي رهيو آهي
هن وڌيڪ چيو ته خوراڪ کاتو هرسال بارداني جي ورهاست لاءِ ڪاميٽيون ٺاهي ان ۾ آبادگارن جي تنظيم جا نمائندا شامل ته ڪندو آهي پر انهن سان بارداني جي معاملي ۾ ڪا به مشاورت نه ٿيندي آهي. اجلاس کي ڊاڪٽر ذوالفقار يوسفاڻي، محمد بشير نظاماڻي، سيد نديم شاهه، ، اسلم مري، مشتاق نظاماڻي، يار محمد لغاري ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته سنڌ جا آبادگار ڪامورن، واپارين ۽ ڊيلرن جي ظلمن جو شڪار آهن، هنن چيو ته سنڌ ۾ ڪڻڪ جو فصل لهڻ باوجود عام آبادگارن کي باردانو نه ملي رهيو آهي، خوراڪ کاتي جي ڪامورن سمورو باردانو سياسي وڏيرن حوالي ڪري ڇڏيو آهي. اجلاس ۾ ميجر (ر) عمر فاروق، مصطفيٰ نواز شاهه ۽ ٻين شرڪت ڪئي