آبياني ۾ 100 سيڪڙو واڌ: اسٽيل ملز جي زمين تي صنعتي زون ٺاهڻ جي اجازت: 153 شهرن جي سروي جي منظوري

فيبروري 21, 2024

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر ) سنڌ جي نگران ڪابينا پاران سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن جي نگراني ۾ هلندڙ اسڪولن لاءِ درسي ڪتابن جي فراهمي لاءِ 500 ملين ۽ بورڊ جي امتحاني في جي ادائگي لاءِ 140 ملين رپين جي اضافي فنڊن جي منظوري ڏئي ڇڏي، ڪابينا آبپاشي کاتي جي مرمتي خرچن (ايم اينڊ آر) کي پورو ڪرڻ لاءِ آبياني (واٽر چارجز)  ۾ به واڌ جي منظوري ڏئي ڇڏي، ڪالهه نگران وڏي وزير جسٽس (ر) مقبول باقر جي صدارت هيٺ نگران ڪابينا جو آخري اجلاس ٿيو، اجلاس ۾ اتفاق ڪيو ويو ته وفاقي حڪومت ايڪسپورٽ پروسيسنگ زون قائم ڪرڻ لاءِ پاڪستان اسٽيل ملز جي زمين رڳو صنعتي مقصدن لاءِ استعمال ڪري سگهي ٿي، سنڌ ڪابينا فصلن لاءِ آبياني جي شرح ۽ ميونسپل/گهريلو، صنعتي ۽ ڪمرشل مقصدن  لاءِ استعمال ٿيندڙ پاڻي جي بلن ۾ ۾ 100 سيڪڙو واڌ جي پڻ منظوري  ڏني. آبياني جو موجوده اگهه 53 رپيا (دريائي پاڻي) ۽ 363 رپيا (ٽيوب ويل ۽ لفٽ مشين) في ايڪڙ آهي،  جنهن  کي وڌائي 106/726 رپيا في ايڪڙ ڪيو ويندو. ميونسپل/گهريلو پاڻي بل جو اگهه 0.50 رپيا في 1000 گيلن  مان 800 سيڪڙو وڌائي 4 رپيا في 1000 گيلن ڪيو ويو، صنعتي/ وپاري استعمال لاءِ پاڻي جو اگهه هڪ رپيو في 1000 گيلن  مان وڌائي 8 رپيا في 1000 گيلن ڪيو ويو، ڪابينا کي ٻڌايو ويو ته مختلف ميونسپل ڪارپوريشنون، واٽر بورڊ، واسا ۽ ڪراچي، حيدرآباد ۽ سکر جا صنعتي علائقا  آبپاشي کاتي کي پاڻي جي مد ۾ هڪ رپيو به ادا نٿا ڪن. غير سروي ٿيل زمين بابت ڪابينا کي ٻڌايو ويو ته هر ضلعي ۾ سروي جو ڪم شروع ڪيو ويندو. جنهن لاءِ 32 سروي ٽيمون جوڙيون پيون وڃن. هر ٽيم روينيو سرويئر، 6 تپيدارن ۽ سٽي سرري جي هڪ انسپيڪٽر تي ٻڌل هوندي، هر سروي ٽيم ڊي جي پي ايس ۽ آپريٽر سميت ٻين لاڳاپيل سامان سان ليس هوندي. فيلڊ سروي ٽيمن پاران روزانو ڪيل ڪم کي ليب ڏانهن موڪليو ويندو. ڊائريڪٽوريٽ ۾ هڪ ليب قائم ڪئي ويندي، جيڪا ڊيٽا کي پروسيس ڪرڻ سان گڏ زمين جو رڪارڊ تيار ڪندي، اهو رڪارڊ لاڳاپيل ڊي سي ۽ مختيارڪار اسٽيٽ کي تصديق لاءِ موڪليو ويندو. اجلاس  کي ٻڌايو ويو ته ٻهراڙيءَ جي آباديءَ جي شهري علائقن ڏانهن  لڏپلاڻ سبب وڏن شهرن جي سٽي سروي ڪرڻ جي ضرورت آهي. اجلاس ۾  ڊويزنل، ضلعي ۽ تعلقي هيڊ ڪوارٽرن (مجموعي طور تي 153شهرن ) جي سٽي سروي جي تجويز ڏني وئي،  ريڪارڊ آف رائيٽ ( مالڪاڻن حقن ) بابت روينيو واري وزير يونس ڍاگا ڪابينا کي ٻڌايو ته حقن جي رڪارڊ لاءِ ري رائيٽنگ ڪاميٽيون جوڙي تصديقي ڪاميٽيون به ٺاهيون وينديون. اهڙن گهڻ رخي ڪمن کي انجام ڏيڻ لاءِ اهو تجويز ڪيو ويو آهي ته ڊائريڪٽوريٽ آف سروي اينڊ سيٽلمينٽ، بورڊ آف روينيو جي موجود افرادي قوت کان ڪم ڪرايو ويندو. ضرورت پوڻ تي مارڪيٽ کان اضافي ٽيڪنيڪل عملو ورتو ويندو. اجلاس ۾ صوبي ۾ غير سروي ٿيل زمين جي سروي سميت ٻين منصوبن لاءِ 2922.19 ملين رپين جي منظوري ڏني وئي.  وڏي وزير چيو ته مجموعي رقم جو 10 سيڪڙو يعني 290 ملين رپيا هلندڙ مالي سال 24-2023 دوران جاري ٿيندا، باقي 2632.19 ملين رپيا ايندڙ مالي سال 2024-25 جي بجيٽ ۾ مختص ڪيا ويندا. ڪابيناسنڌ رجسٽريشن رولز 1940 ۾ ترميم جي منظوري ڏئي ڇڏي، جنهن هيٺ سب رجسٽرار جي ڀرتي سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ذريعي ٿي سگهندي. اجلاس دوران اسڪول ايجوڪيشن کاتي جي اختيارين ٻڌايو ته سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن وٽ 2723 تعليمي ادارا آهن، جن ۾ 890000 شاگردن داخل آهن. تعليم کاتي جي سفارش تي سنڌ ڪابينا سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن جي شاگردن کي درسي ڪتابن جي فراهمي لاءِ 500 ملين ۽ بورڊ جي امتحاني في جي مد ۾ 140 ملين جا اضافي فنڊ ڏيڻ جي به منظوري ڏنيسنڌ ڪابينا صحت واري نگران صوبائي وزير ڊاڪٽر سعد خالد نياز جي سفارش تي اين آءِ سي وي ڊي ۾ ايم آر آءِ مشين جي خريداري لاءِ 628.311 ملين رپين جي گرانٽ جاري ڪرڻ توڙي صحت کاتي جي پراجيڪٽ اِي پي آءِ ۾ 4 آفيسرن ۽ 455 ويڪسينيٽرن جي هڪ سال جي ڪانٽريڪٽ جي بنياد تي ڀرتي ڪرڻ جي به منظوري ڏني اجلاس ۾ حيدرآباد ڊولپمينٽ اٿارٽي (ايڇ ڊي اي) جي ملازمن جي پگھارن ۽ پينشن وارين رهتن جي ادائگي لاءِ 50 ڪروڙ روپيا جاري ڪرڻ جي منظوري پڻ ڏني وئي. ڪابينا پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ کاتي جي درخواست تي 1.5 ايم جي ڊي واري آر او پلانٽ اسلام ڪوٽ جي بحاليءَ لاءِ 434.109 ملين رپين جي منظوري ڏني.

Leave A Comment