سنڌ ۾ فوتي ڪوٽا وارين نوڪرين بابت نئين پاليسي لٽڪيل : 8000 ڪيس پينڊنگ ۾ پيل
آڪٽوبر 7, 2024
ڪراچي(رپورٽ: شاهد ميراڻي) سنڌ ۾فوتي ڪوٽا وارين نوڪرين بابت نئين پاليسي لٽڪيل: 8 هزار کان وڌيڪ ڪيس پينڊنگ ۾ پيل، سمورن سرڪاري کاتن ۾ فوتي ڪوٽا وارا سيڪشن پڻ 6 مهينن کان غيرفعال بڻيل، ان حوالي سان مليل ڄاڻ موجب سنڌ ۾ فوتي ڪوٽا وارن ڪيسن جي تڪڙي اُڪلاءُ سميت پاليسي ۾ نرمي آڻڻ بابت تجويزون ڏيڻ لاءِ سنڌ حڪومت پاران هلندڙ سال جي اپريل مهيني ۾ وزيراعليٰ انسپيڪشن ٽيم جي چيئرمين جي سربراهي ۾ قائم ڪيل 4 رُڪني ڪاميٽي پاران پنهنجون تجويزون چيف سيڪريٽري حوالي ڪرڻ باوجود اڃا تائين پاليسي لاڳو نه ڪئي وئي آهي، جنهن ڪري سنڌ جي سمورن سرڪاري کاتن ۾ 8 هزار کان وڌيڪ فوتي ڪوٽا وارا ڪيس پينڊنگ پيل آهن. ان حوالي سان معلوم ٿيو آهي ته چيف سيڪريٽري پاران وزيراعليٰ انسپيڪشن ٽيم جي چيئرمين جي سربراهي ۾ ڪاميٽي قائم ڪئي وئي هئي، جنهن ۾ سيڪريٽري عملدرآمد، سيڪريٽري قانون ۽ ناڻي کاتي جي اسپيشل سيڪريٽري ايڊمن کي ميمبر طور مقرر ڪيو ويو هو، ڪاميٽي کي چيف سيڪريٽري پاران هدايت ڪئي وئي هئي ته فوتي ڪوٽا وارن ڪيسن جي تڪڙي اُڪلاءُ ۽ اميدوارن کي تڪليفن کان بچائڻ ۽ کين جلد آفر آرڊر ڏيڻ لاءِ تجويزون جمع ڪرايون وڃن، جيئن اهي تجويزون فوتي ڪوٽا واري پاليسي ۾ لاڳو ڪري سگھجن. اهڙي ڪاميٽي ٺهڻ کانپوءِ سمورن سرڪاري کاتن پاران فوتي ڪوٽا وارا سمورا ڪيس بند ڪيا ويا هئا. هن وقت اسڪول ايجوڪيشن کاتي ۾ 800 کان وڌيڪ، ڪاليج ايجوڪيشن کاتي ۾ 700 کان وڌيڪ، صحت کاتي ۾ 600 کان وڌيڪ ۽ ٻين کاتن ۾ به مجموعي طور تي 8 هزار کان وڌيڪ ڪيس گذريل 6 مهينن کان وٺي پينڊنگ پيل آهن. ان حوالي سان تجويزن واري ڪاميٽي جي ميمبر ۽ ناڻي کاتي جي اسپيشل سيڪريٽري (ايڊمن) سليم صديقي ”پنهنجي اخبار“ سان ڳالهائيندي چيو ته 19 اپريل تي ڪاميٽي جڙي هئي، اسان پنهنجون تجويزون جولاءِ مهيني ۾ ئي مڪمل ڪري سروسز کاتي وٽ جمع ڪرايون هيون. هن چيو ته پاليسي ۾ ڪا خاص ترميم نه ڪئي وئي آهي پر اهي تجويزون ڏنيون ويون آهن ته لاڳاپيل کاتن ۾ فوتي ڪوٽا واري ڪيسن بابت اخبارن ۾ اشتهار ڏيڻ سان گڏ اميدوارن کي آساني سان آفر آرڊر ڏيڻ لاءِ کاتن جون الڳ الڳ ڪاميٽيون ٺاهيون وڃن، جيڪي ماهوار بنيادن تي فوتي ڪوٽا وارن ڪيسن جو جائزو وٺن
تعليم کاتي نئين پاليسي سبب 250 ڪيس روڪي ڇڏيا
ڪراچي: تعليم کاتي پاران نئين پاليسي جي نوٽيفڪيشن جي انتظار سبب چيف سيڪريٽري کان منظوري مليل 250 کان وڌيڪ ڪيس به روڪيا ويا. جن جا هن وقت آفر آرڊر جاري نه ڪيا ويا آهن. ان حوالي سان مليل ڄاڻ موجب ته نئين پاليسي جو سروسز کاتي پاران نوٽيفڪيشن جاري ٿيڻ جي انتظار سبب اسڪول ايجوڪيشن کاتي جي فوتي ڪوٽا سيڪشن پاران 250 کان وڌيڪ اهڙا ڪيس به روڪيا ويا آهن، جن جي چيف سيڪريٽري پاران منظوري به ڏني وئي آهي
ملازم جي فوت ٿيڻ جي 2 سالن دوران نوڪري لاءِ درخواست جمع ڪرائڻ وارو شرط برقرار
ڪراچي: فوت ٿيندڙ سرڪاري ملازمن جي وارثن پاران ملازم جي فوت ٿيڻ جي 2 سالن دوران نوڪري لاءِ درخواست جمع ڪرائڻ وارو شرط برقرار رکيو ويو ، ان حوالي سان وزيراعليٰ انسپيڪشن ٽيم جي چيئرمين جي سربراهي ۾ قائم ڪيل ڪاميٽي پاران فوتي ڪوٽا تحت درخواست جمع ڪرائڻ واري مُدي جو اهم شرط برقرار رکيو ويو