اسلام آباد جي احتساب عدالت پاران حسن ۽ حسين نواز جي نيب جي ٽن ريفرنسز ۾ بريت وارين درخواستن تي فيصلو محفوظ 

مارچ 19, 2024

اسلام آباد جي احتساب عدالت نواز شريف جي پٽن حسن ۽ حسين نواز جي نيب جي ٽن ريفرنسز ۾ بريت وارين درخواستن تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو، احتساب عدالت جي جج ناصر جاويد رانا ايون فيلڊ، العزيزيه ملز ۽ فليگ شپ ريفرنسز ۾ بريت جي درخواستن تي ٻڌڻي هلائي، حسن ۽ حسين نواز پاران سندن وڪيل مصباح الحسن ايڊوڪيٽ ۽ سندن پليڊر راڻا محمد عرفان به پيش ٿيو، عدالت بريت جي درخواستن تي نيب جي رپورٽ بابت پڇيو، ڊپٽي پراسيڪيوٽر نيب چيو ته هن ڪيس ۾ سپريم ڪورٽ جو فيصلو رنڊڪ نه آهي، عدالت هن ڪيس جو فيصلو ڪري سگهي ٿي، مريم نواز جي بريت خلاف اسان اپيل داخل نه ڪئي هئي، حسن ۽ حسين نواز تي سازش ۽ معاونت جو الزام آهي، ڪيسن ۾ مرڪزي جوابدار بري ٿي چڪا آهن

Leave A Comment