ڌاڙيلن ۽ اسٽريٽ ڪرمنلز خلاف ڪاررواين جو اعلان: ڪراچي کي سنڌ کان الڳ سمجهندڙ دماغ جو علاج ڪرائين: مراد شاهه

فيبروري 27, 2024

ڪراچي(رپورٽ: شاهد ميراڻي ۽ فقير سليم ) سنڌ اسيمبلي جي 112 ميمبرن جي ووٽ سان سيد مراد علي شاھ ٽيھر سنڌ جو وڏو وزير چونڊجي ويو، ڪالهه اسپيڪر سيد اويس قادر شاھه جي صدارت ۾ ٿيل اجلاس ۾ وزيراعليٰ  لاءِ ايم ڪيو ايم جي علي خورشيدي ۽ پ پ جي سيد مراد علي شاھ وچ ۾ مقابلو ٿيو، علي خورشيدي 36 ووٽ کڻي ھارائي ويو،  اسپيڪر پاران نتيجن جي اعلان بعد اسيمبلي اجلاس  کي خطاب ڪندي سنڌ جي چونڊيل وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته ملڪ جو مستقبل اسانجو  قائد بلاول ڀٽو زرداري آهي،  ملڪ جي سالميت ۽ استحڪام پهرين ترجيح آهي، آئون ڪچي مان ڌاڙيلن ۽ ڪراچي مان اسٽريٽ ڪرائيم جو خاتمو آڻيندس، ايٽمي قوت جو ڪريڊٽ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ ان کانپوءِ بينظير ڀٽو کي وڃي ٿو. آئون هن اسيمبلي ۾ پنجون ڀيرو بطور عوامي نمائندو چونڊجي آيو آهيان، جڏهن ته   اسيمبلي ٽيون ڀيرو وڏو وزير چونڊيو آهي. دعا آهي ته جهڙي ريت الله تعاليٰ 2016ع ۾ مونکي وڏ وزارت ڏياري، اهڙي ريت منهنجو عزت سان وڃڻ به لکيو هجي. هن پنهنجي گهرڀاتين کي ياد ڪندي چيو ته منهنجي والدين جون دعائون ۽ تربيت هميشه مون سان گڏ رهنديون، منهنجي خاندان ڏکئي وقت ۾ منهنجو ساٿ ڏنو. هن چيو ته آئون پنهنجي شهيد قائد بينظير ڀٽو کي گهڻو ياد ڪريان ٿو، هن ئي مون کي سياست ۾ آندو. هن چيو ته هن چيو ته ايوان ۾ ٽن فوٽن جي پنڌ تي ڪيتريون ئي ڳالهيون ڪيون ويون، منهنجي لاءِ چيو ويو ته ڪنهن به وقت گرفتاري جو خطرو آهي، منهنجي چيئرمين بلاول ڀٽو منهنجي لاءِ چيو ته جيڪڏهن مراد علي شاهه جيل ويندو ته اهو اتان به وڏي وزير طور ڪم ڪندو، مراد علي شاهه چيو ته هي عهدو سنڀالڻ آسان ناهي، الله تعاليٰ کان دعا آهي ته مون کي طاقت ڏئي ته جيئن ڏکيائين کي منهن ڏئي سگهان. هن چيو ته مخالف ڌر سياست ۾ جمهوري روايت کي برقرار رکندي چونڊ عمل کي اڳتي وڌايو، آئون ڪوشش ڪندس ته متحده، جماعت اسلامي سميت اپوزيشن جي دوستن کي گڏ کڻي هلان، سندن مثبت تنقيد جي آجيان ڪندس  مراد علي شاهه چيو ته ماڻهو اسان جي فتح تي حيران آهن.  هڪ صحافي چيو ته توهان ايتريون سيٽون ڪيئن حاصل ڪيون؟ جنهن تي مون چيو ته اسان ماڻهن جي نبض پڪڙي ورتي آهي. هن چيو ته اسان کي به اليڪشن تي اعتراض آهن پر اسان قانوني رستو اختيار ڪنداسين، ملڪي سالميت کي خطري ۾ نه وجهنداسين، اسان پنهنجون وڃايل سيٽون واپس وٺنداسين. مراد علي شاهه چيو ته 2024ع جي اليڪشن اسان جا اڳوڻا سمورا رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا آهن، 2 ڀاڱـي 3 جي اڪثريت ملڻ بعد اسان کي وڌيڪ خدمت ڪرڻي پوندي. هن چيو ته پاڪستان خاص ڪري سنڌ صوبي کي ڪيترائي مسئلا درپيش آهن، دهشتگردي جو خاتمو اسان جي ترجيحن ۾ شامل آهي. ڪچي ۾ ڌاڙيلن خلاف آپريشن اسان جي ترجيح هوندي، ڪراچي مان اسٽريٽ ڪرائيم جو خاتمو آڻينداسين، ڊرگ مافيا جو خاتمو ۽ امن امان جي بحالي پهرين ترجيح هوندي. مراد علي شاهه چيو ته الله تعاليٰ هن صوبي کي وڏا امتحان ڏنا آهن. اسان ٻوڏ سميت ڪورونا وائرس جهڙين آفتن کي منهن ڏنو آهي. مخالف چون ٿا ته پيپلز پارٽي اليڪشن ڇو کٽي؟ آئون چوان ٿو ته هر هڪ پارٽي کي هڪ ليڊر جي ضرورت آهي،  اسان وٽ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري آهي، ٻوڏ دوران اسان جو چيئرمين هر هنڌ ويو، اسان پنهنجي عوام کي ڏکئي وقت ۾ اڪيلو نه ڇڏيو آهي، اسان کين گهر ڏنا آهن، وڌيڪ گهر تعمير ڪري رهيا آهيون. مراد علي شاهه چيو ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو آئين ڏنو، جنهن جي مهرباني سان پاڪستان قائم آهي، آصف علي زرداري هن آئين کي مضبوط ڪيو آهي. مراد علي شاهه هڪ پارٽي اڳواڻ جي تقرير جو حوالو ڏيندي چيو ته هن پنهنجي خطاب ۾ ايٽمي ٽيڪنالاجي جو ڪريڊٽ ورتو آهي، آئون کيس ٻڌائڻ چاهيان ٿو ته اهو ڪريڊٽ اسان جي شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ انکان پوءِ شهيد راڻي بينظير ڀٽو کي وڃي ٿو. شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ملڪ جي دفاع کي ناقابل تسخير بڻايو، آصف زرداري صدر طور پنهنجا سمورا اختيار پارليامينٽ کي منتقل ڪري ڇڏيا، انشاءَ الله ايندڙ مهيني آصف زرداري ٻيهر صدر جو حلف کڻندو، مراد علي شاهه سمورين پارٽين کي آصف زرداري کي ووٽ ڏيڻ جي درخواست ڪئي. هن چيو ته اسان فيصلو ڪيو آهي ته سنڌ ڪابينا عوام جي خدمت ڪندي، اها  پنهنجي قيادت کي ڪم ڪري ڏيکاريندي، اسان ايندڙ اليڪشن ۾ بلاول ڀٽو کي اڪثريت سان وزيراعظم بڻائينداسين. بلاول ڀٽو زرداري ملڪ کي مصيبت مان ڪڍڻ لاءِ 10 نقاطي ايجنڊا پيش ڪئي آهي، اسان کي بلاول ڀٽو کي ملڪ جي اڳواڻي جو موقعو ڏيڻو پوندو. وڏي وزير چيو ته اسان اليڪشن  ۾جنهن 10 نقاطي ايجنڊا جو ذڪر ڪيو، ان جي سنڌ صوبي ۾ شروعات ٿي چڪي آهي.  هن چيو ته اسان جو ملڪ سخت مهانگائي ۽ بيروزگاري جو شڪار آهي جنهن تي بلاول ڀٽو چيو ته پنجن سالن ۾ پگهارون ٻيڻيون ڪيون وينديون. اسان مزدورن جي پگهار 35000 رپيا ماهوار ڪئي، سنڌ ۾ 2 لک گهرن لاءِ سولر انرجي پروجيڪٽ شروع ڪيو آهي، جنهن کي شهرن جي ڪچين آبادين تائين وڌائينداسين. سڄي پاڪستان ۾ اسان جو صوبو صحت جي حوالي سان اڳتي آهي، اسان ٻوڏ متاثرن لاءِ 2 لک گهر ٺاهيا آهن ، وڌيڪ گهر ٺاهي رهيا آهيون. سنڌ ۾ هاري ڪارڊ شروع ڪيو ويو آهي، مراد علي شاهه چيو ته اسان انشاءَ الله پنهنجي ڪارڪردگيءَ جي بنياد تي ايندڙ ڀيري جنرل سيٽن جي سينچري ڪنداسين. هن چيو ته سماجي تحفظ کاتي پاران بک جي خاتمي واري پروگرام تي گهڻو ڪم ڪيو ويو آهي، ان کي ٿر ۽ عمرڪوٽ کان اڳتي وڌائينداسين. هن چيو ته بلاول ڀٽو سڄي سنڌ ۾ پيئڻ جي صاف پاڻي جو منصوبو آڻڻ چاهي ٿو، انشاءَ الله ان تي ڪم ڪنداسين. مراد علي شاهه ڪراچي شهر بابت چيو ته ڪراچي منهنجي جنم ڀومي آهي، ڪراچي کي اوهان کان وڌيڪ نه ته گهٽ به نٿو ڄاڻان. ڪراچي شهر پيپلز پارٽي جي ميئر کي چونڊيو آهي. جيڪڏهن ڪنهن جي ذهن ۾ اها ڳالهه آهي ته هو ڪراچي کي سنڌ کان الڳ سمجهن ٿا ته پنهنجي دماغ جو علاج ڪرائين،اهڙيون ڳالهيون ڪندڙ پنهنجي قائد کي به نٿا ٻڌن، هن چيو ته   اچو ته گڏجي هن شهر ۽ صوبي لاءِ ڪم ڪريون. هن چيو ته  آئون مخالف ڌر جي اڳواڻ کي پاڻ سان گڏ کڻي هلندس، باقي مخالف ڌر غلط روايتون برقرار رکندي ته ڪم نه ڪري سگهنداسين.

Leave A Comment