ايڊهاڪ جج نه ٿيندس: مشير عالم کانپوءِ مقبول باقر جو به انڪار: رڳو 2 جج راضي
جُولاءِ 19, 2024
ڪراچي (رپورٽ: عرفان شاهه ) سپريم ڪورٽ جي رٽائرڊ جسٽس مشير عالم کانپوءِ سنڌ جو نگران وزيراعليٰ رهندڙ جسٽس( ر) مقبول باقر به ايڊهاڪ جج ٿيڻ کان معذرت ڪري ڇڏي، ان ڏس ۾ جسٽس مقبول باقر جو چوڻ هو ته مصروفيتن ۽ ذاتي سببن ڪري هن وقت سپريم ڪورٽ جو حصو ٿيڻ نٿو چاهيان، هن چيو ته سپريم ڪورٽ جو چيف جسٽس فائز عيسيٰ نيڪ نيتي سان ايڊهاڪ جج مقرر ڪري رهيو آهي، چيف جسٽس جو اهو قدم 100سيڪڙو آئيني ۽ قانوني آهي، هن چيو ته جڏهن فائز عيسيٰ چيف جسٽس ٿيو ته هن مون سان ايڊهاڪ ججن واري ڳالهه ڪئي هئي، چيف جسٽس چيو هو ته سياسي ڪيسن سبب سپريم ڪورٽ جو تمام گهڻو وقت ضايع ٿي رهيو آهي، هزارن جي تعداد ۾ ڪيس ٻڌڻي هيٺ آهن، انهن ڪيسن کي اڪلائڻ لاءِ ايڊهاڪ ججن جي مقرري ٿيڻ گهرجي، هن چيو ته ايڊهاڪ جج ٿيڻ ۾ ڪو عيب ناهي، جسٽس طارق مسعود ۽ جسٽس مظهر عالم ميان خيل انتهائي ايماندار جج رهيا آهن، انهن جي ايڊهاڪ جج ٿيڻ سان سپريم ڪورٽ مان ڪيسن جو ٻوجهه گهٽبو