چونڊن بعد ساڍا 15 لک ووٽرز جي واڌ ظاهر، انگ 13 ڪروڙ کان ٽپي ويو: سنڌ ۾ 2 ڪروڙ 73 لک ووٽرز رجسٽرڊ

اپريل 15, 2024

اسلام آباد(رپورٽ: ايم بي سومرو) اليڪشن ڪميشن ملڪ جي ووٽرز جي نئين ڊيٽا جاري ڪري ڇڏي، ملڪ اندر ووٽرز جو تعداد 13 ڪروڙ هڪ لک 36 هزار ٿي ويو آهي. ملڪ ۾ مرد ووٽرز جو انگ 7 ڪروڙ 43 لک 472 ٿي ويو آهي ۽ عورت ووٽرز جو تعداد 6 ڪروڙ 92 لک 839 آهي

 اسلام آباد ۾ ٽوٽل ووٽرز جو انگ 10 لک 94 هزار 216 آهي، بلوچستان ۾ ووٽرن جو تعداد 54 لک 39 هزار 666 ٿي ويو آهي، خيبرپختونخواهه ۾ ووٽرز جو تعداد 2 ڪروڙ 21 لک 83 هزار 168 آهي

 پنجاب صوبي ۾ ووٽرز جو انگ 7 ڪروڙ 40 لک 94 هزار 290 ٿي ويو آهي جڏهن ته سنڌ صوبي ۾ ووٽرز جو انگ 2 ڪروڙ 73 لک 25 هزار آهي، 8 فيبروري جي عام چونڊن ۾ ووٽرز جو انگ 12 ڪروڙ 85 لک 85 هزار 760 هو

اليڪشن ڪميشن عمر جي حساب سان به ووٽرز جا انگ اکر جاري ڪيا آهن، جنهن مطابق 18 کان 25 سال جي ووٽرز جو انگ 2 ڪروڙ 46 لک 68 هزار 10 آهي جڏهن ته 26 کان 35 سال جي عمر جي ووٽرن جو انگ 3 ڪروڙ 34 لک 60 هزار 135آهي

 اهڙي طرح 36 کان 45 سال عمر جي ووٽرن جو انگ 2 ڪروڙ 88 لک 34 هزار 294 آھي، 46 کان 55 سال جي عمر جي ووٽرز جو انگ هڪ ڪروڙ 85 لک 78 هزار 649 آهي،  55 کان 65 سال جي عمر وارن ووٽرن جو انگ هڪ ڪروڙ 21 لک 74 هزار 431 آهي جڏهن ته 66 سالن جي عمر کان وڌيڪ ووٽرز جو انگ هڪ ڪروڙ 24 لک 729 آهي

 اليڪشن ڪميشن پاران نئين جاري ڪيل ووٽرز جي انگن اکرن موجب بدين ضلعي جي ٽوٽل آبادي 9 لک 49 ھزار 236 آهي جنهن ۾ مرد 5 لک 9744 ۽ عورتون 4 لک 39 هزار 492 آهن، دادو ضلعي جي ٽوٽل آبادي 9 لک 45 ھزار 502، جنهن ۾ مرد 5 لک 8 هزار 758 ۽ عورتون 4 لک 36 هزار 744 آهن

 گهوٽڪي ضلعي جي ٽوٽل آبادي 9 لک 25 ھزار 430، جنهن ۾ مرد 5 لک 447 ۽ عورتون 4 لک 24 هزار 983 آهن، جيڪب آباد ضلعي جي ٽوٽل آبادي 5 لک 98 ھزار 860، جنهن ۾ مرد 3 لک 20 هزار 487 ۽ عورتون 2 لک 78  هزار 373  آهن

 حيدرآباد ضلعي جي ٽوٽل آبادي 12 لک 38 ھزار 895، جنهن ۾ مرد 6 لک 69 هزار 232 ۽ عورتون 5 لک 69 هزار 663 آهن، ڄامشورو ضلعي جي ٽوٽل آبادي 4 لک 83 ھزار 660، جنهن ۾ مرد 2 لک 62 هزار 207 ۽ عورتون 2 لک 21 هزار 453 آهن

 قمبر شهدادڪوٽ ضلعي جي ٽوٽل آبادي 8 لک 32 ھزار 323 آهي، جنهن ۾ مرد 4 لک 54هزار 736 ۽ عورتون 3 لک 77 هزار 587 آهن

ڪراچي سينٽرل ضلعي جي ٽوٽل آبادي 21 لک 65 ھزار 366 آهي، جنهن ۾ مرد 11 لک 63 هزار 163 ۽ عورتون 10 لک 2 هزار 199 آهن، ڪراچي ايسٽ ضلعي جي ٽوٽل آبادي 17 لک هڪ ھزار 716 آهي، جنهن ۾ مرد 7 لک 97 هزار 307 ۽ عورتون 9 لک4 هزار 409 آهن

ڪراچي سائوٿ ضلعي جي ٽوٽل آبادي 12 لک 82 ھزار 14 آهي، جنهن ۾ مرد 6 لک 92 هزار 842 ۽ عورتون 5 لک 89 هزار 172آهن، ڪراچي ويسٽ ضلعي جي ٽوٽل آبادي 9 لک 65 ھزار 209 آهي، جنهن ۾ مرد 5 لک 56 هزار 45 ۽ عورتون 4 لک 9 هزار 164 آهن

ڪشمور ضلعي جي ٽوٽل آبادي 9 لک 97 ھزار 635 آهي، جنهن ۾ مرد 3 لک 23 هزار 70 ۽ عورتون 2 لک 74 هزار 565 آهن، ڪياماڙي ضلعي جي ٽوٽل آبادي 9 لک 2 ھزار 488 آهي، جنهن ۾ مرد 5 لک 23 هزار 448 ۽ عورتون 3 لک 79 هزار 40 آهن

خيرپور ضلعي جي ٽوٽل آبادي 13 لک 89 ھزار 518 آهي، جنهن ۾ مرد 7 لک 31 هزار 731 ۽ عورتون 6 لک 57 هزار 787 آهن، ڪراچي ڪورنگي ضلعي جي ٽوٽل آبادي 15 لک 28 ھزار 60 آهي، جنهن ۾ مرد 8 لک 35 هزار 750 ۽ عورتون 6 لک 92 هزار 310 آهن

 لاڙڪاڻو ضلعي جي ٽوٽل آبادي 8 لک 78 ھزار 21 آهي، جنهن ۾ مرد 4 لک 69 هزار 316 ۽ عورتون 4 لک 8 هزار 705 آهن، ملير ضلعي جي ٽوٽل آبادي 8 لک 35 ھزار 266 آهي، جنهن ۾ مرد 4 لک 72 هزار 362 ۽ عورتون 3  لک 62 هزار 904 آهن

مٽياري ضلعي جي ٽوٽل آبادي 4 لک 22 ھزار 595 آهي، جنهن ۾ مرد 2 لک 23 هزار 643 ۽ عورتون هڪ لک 98 هزار 952 آهن، ميرپورخاص ضلعي جي ٽوٽل آبادي 8 لک 76 ھزار 821 آهي، جنهن ۾ مرد 4 لک 67 هزار 21 ۽ عورتون 4 لک 9 هزار 800 آهن

نوشهروفيروز ضلعي جي ٽوٽل آبادي 9 لک 56 ھزار 981 آهي، جنهن ۾ مرد 5 لک 15 هزار 457 ۽ عورتون 4 لک 41 هزار 524 آهن، سجاول ضلعي جي ٽوٽل آبادي 4 لک 28 ھزار 138 آهي، جنهن ۾ مرد 2 لک 35 هزار 98 ۽ عورتون هڪ لک 93 هزار 40 آهن

سانگهڙ ضلعي جي ٽوٽل آبادي 13 لک 27 ھزار 328 آهي، جنهن ۾ مرد 6 لک 56 هزار 99 ۽ عورتون 5 لک71 هزار 229 آهن، شهيد بينظير آباد ضلعي جي ٽوٽل آبادي 9 لک 40 ھزار 973 آهي، جنهن ۾ مرد 5 لک 7 هزار 179 ۽ عورتون 4 لک 33 هزار 794 آهن

شڪارپور ضلعي جي ٽوٽل آبادي 7 لک 32 ھزار 723 آهي، جنهن ۾ مرد 3 لک 88 هزار 252 ۽ عورتون 3 لک 43 هزار 771 آهن، سکر ضلعي جي ٽوٽل آبادي 8 لک 42 ھزار 164 آهي، جنهن ۾ مرد 4 لک 50 هزار 766 ۽ عورتون 3 لک 91 هزار 398 آهن

ٽنڊو الهيار ضلعي جي ٽوٽل آبادي 4 لک 57 ھزار 200 آهي، جنهن ۾ مرد 2 لک 42 هزار 781 ۽ عورتون 2 لک 14 هزار 419 آهن، ٽنڊو محمد خان ضلعي جي ٽوٽل آبادي 3 لک 60 ھزار 186 آهي، جنهن ۾ مرد هڪ لک 93  هزار 135 ۽ عورتون هڪ لک 67 هزار 51 آهن

 ٿرپارڪر ضلعي جي ٽوٽل آبادي 7 لک 35 ھزار 609 آهي، جنهن ۾ مرد 3 لک 98 هزار 722 ۽ عورتون 3 لک 36 هزار 887 آهن، ٺٽي ضلعي جي ٽوٽل آبادي 5 لک 28  ھزار 404 آهي، جنهن ۾ مرد 2 لک 89 هزار 576۽ عورتون 2 لک 38 هزار 828 آهن ۽ عمرڪوٽ ضلعي جي ٽوٽل آبادي 5 لک 97 ھزار 650 آهي، جنهن ۾ مرد 3 لک 15 هزار 323 ۽ عورتون 2 لک 82 هزار 327 آهن

Leave A Comment