برساتن بعد درياهه ۾ چاڙهه، پريالوءِ جو ڪچو ٻڏي ويو، ٻيڙين وسيلي لڏپلاڻ، الرا جاگير بند کي روڻيون

آگسٽ 5, 2024

پريالوءِ (رپورٽ: عمران اوڍو) پريالوءِ ڀرسان ڪچي واري علائقي ۾ ملڪ ۾ پيل برساتن بعد درياهه ۾ چاڙهه اچي ويو آهي، جڏهن ته سنڌو درياهه اٿلڻ سبب ڪچي جا ٽي حصا پاڻي هيٺ اچي ويا آهن، جن ۾ 40 کان وڌيڪ ڳوٺ متاثر ٿيا آهن، ڳوٺاڻن گذريل ٻوڏن ۾ ٿيل نقصان کي نظر ۾ رکندي پنهنجي مدد پاڻ تحت لڏ پلاڻ جو سلسلو شروع ڪري ڇڏيو آهي، هوڏانهن برساتن سبب الرا جاگير بچاءُ بند کي 5 کان 10 فوٽن تائين روڻيون پئجي ويون آهن، جڏهن ته ان جي باوجود هن محل تائين آبپاشي عملدار بند تي ناهن پهتا، علائقي جي سياسي سماجي ڌرين جو چوڻ آهي ته جنهن طريقي سان تيزيءَ سان پاڻي ۾ واڌ اچي رهي آهي ته ان مان لڳي ٿو ته وڏي ٻوڏ اچي سگهي ٿي ۽ بچاءُ بند ٽٽي سگهي ٿو، هنن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته آبپاشي عملدارن جي نااهليءَ جو نوٽيس وٺي الرا جاگير بچاءُ بند جي نگراني شروع ڪئي وڃي.

Leave A Comment