انوکي اليڪشن کانپوءِ گوگل به پريشان آهي، آسان حل اھو آھي ته جنھن وٽ فارم 45 آھي اھو کٽي چڪو آھي: اڳوڻو وزيراعظم شاهد خاقان عباسي

فيبروري 17, 2024

اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته انوکي اليڪشن کانپوءِ گوگل به پريشان آهي، آسان حل اھو آھي ته جنھن وٽ فارم 45 آھي اھو کٽي چڪو آھي، مان نه ٿو سمجهان ته مولانا فضل رحمان پي ڊي ايم ڇڏي آهي، مان اڳ ئي چيو هو ته چونڊن ۾ ڌانڌلي ٿيندي ۽ اها ڳالهه ثابت ٿي چڪي آهي، ڪراچي جي احتساب عدالت غيرقانوني ڀرتين بابت ريفرنس تي ٻڌڻي بنا ڪارروائي ملتوي ڪري ڇڏي، پيشي بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي شاهد خاقان چيو ته ڪيس 5 سالن کان هلي رهيو آهي، اڃا تائين ڏوهه جو پتو ناهي پئجي سگهيو، اميد آھي ته نئين حڪومت ايندي ۽ نيب جي هن اداري مان ملڪ جي جند آجي ٿي ويندي

Leave A Comment