سنڌ ۾ٻيهر پاڻي جي کوٽ: گڊو، سکر ۽ ڪوٽڙي بئراجز تي غير معمولي لاٿ: ڊائون اسٽريم ۾ پاڻي نه ڇڏڻ سبب لاڙ پٽ وارو علائقو سخت متاثر

مارچ 28, 2024

ڪراچي(پنهنجي ڊيسڪ)سنڌ ۾هڪ ڀيرو ٻيهر پاڻي جي کوٽ وڌي وئي، گڊو، سکر ۽ ڪوٽڙي بئراجز تي غير معمولي لاٿ، ڪوٽڙيءَ کان هيٺ سنڌو درياهه ۾ پاڻي نه ڇڏڻ سبب لاڙ پٽ  وارو علائقو سخت متاثر ٿي ويو آهي

ان حوالي سان آبپاشي واري صوبائي وزير ڄام  خان شورو چيو آهي ته سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ  واري مسئلي تي وفاق سان اختلاف آهن، سنڌ جي ڪئنالز ۾ 70 سيڪڙو تائين پاڻي جي کوٽ آهي

سندس چوڻ هو ته روٽيشن پروگرام  تحت فصلن ۽ پيئڻ واري پاڻي جي فراهمي يقيني بڻائڻ جي ڪوشش ڪري  رهيا آهيون، نارا ۽ روهڙي ڪئنالز کي 7 هزار 200 ڪيوسڪ  پاڻي ملي رهيو آهي

هن چيو ته سنڌ جي ٻين ڪئنالز  ۾ 70 سيڪڙو تائين پاڻي جي  کوٽ آهي، صوبائي وزير طرفان سنڌ ۾ فصلن جي پيداوار لاءِ پاڻي کوٽ ختم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو آهي

Leave A Comment