سرڪاري نوڪري لاءِ عمر جي حد ۾ رعايت وارو معاملو گول: گريڊ سطح تي ڪاميٽيون ٺاهڻ جو فيصلو
آڪٽوبر 12, 2024
ڪراچي(رپورٽ: شاهد ميراڻي) سنڌ ۾ سرڪاري نوڪرين تي ڀرتين لاءِ سنڌ حڪومت ڪالھه سنڌ ڪابينا جي اجلاس ۾ 28 سال کان مٿي عمر وارن اميدوارن کي عمر ۾ رعايت ڏيڻ وارو معاملو گول مول ڪري ڇڏيو آهي
ان حوالي سان سنڌ حڪومت پاران سنڌ ڪابينا جي اجلاس ۾ سرڪاري نوڪرين لاءِ عمر جي حد ۾ واڌ ڏيڻ بابت ڪا واضح پاليسي جاري نه ڪئي وئي آهي
ذريعن موجب ته سنڌ حڪومت پاران سرڪاري نوڪرين جي لاءِ عمر جي حد ۾ وڌ کان وڌ 5 سالن تائين واڌ جي مشروط منظوري ڏني وئي آهي
سنڌ ڪابينا ۾ موجود ذريعن موجب ته سنڌ ڪابينا ۾ ان معاملي جي منظوري ڏني وئي آهي ته عمر جي حد ۾ واڌ واري معاملي تي گريڊ سطح تي ڪميٽيون ٺاهيون وينديون
ڪاميٽيون ٺاهڻ جا اختيار وزيراعلي سنڌ وٽ هوندا جڏهن ته وزيراعلي جي منظوري بعد ئي ڪميٽيون ٺهنديون، ڪميٽيون سرڪاري نوڪرين لاءِ اپلائي ڪندڙ هر اميدوار جي ڪيس جو جائزو وٺڻ بعد جائزو وٺنديون ته ڪهڙي اميدوارن کي عمر ۾ ڪيتري رعايت ڏيڻي آهي،. جڏهن ته وڌ کان وڌ 5 سالن تايرعايت ڏئي سگهبي