آءِ پي پيز سان معاهدا تبديل نٿا ڪري سگهون، اسٽرڪچرل حل ڪڍڻو پوندو، وڌيڪ ڏکيا فيصلا ڪرڻا پوندا: ناڻي وزير

جُولاءِ 29, 2024

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) ناڻي جي وفاقي وزير محمد اورنگزيب چيو آهي ته توانائي بحران کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ مستقل لائحه عمل جوڙڻ جي ضرورت آهي، آءِ پي پيز جو اسٽرڪچرل حل ڪڍڻو پوندو، هي سال ڏُکيو آهي، حڪومت کي وڌيڪ ڏُکيا فيصلا ڪرڻا پوندا، احساس آهي ته ڏُکين فيصلن سان عوام کي ڏکيائيون ٿينديون آهن، اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته چين آءِ ايم ايف سان معاهدي جي حمايت ڪري ڇڏي آهي، آءِ ايم ايف بورڊ جي منظوري دوران چين پاران پاڪستان جي حمايت ڪئي ويندي، چين سان قرض ري اسٽرڪچرنگ نه، پر ري پروفائيل ڪرڻ جي ڳالهه ٿي رهي آهي، هن چيو ته 49 لک ماڻهو نان فائلرز آهن، سندن لائيف اسٽائيل جي ڊيٽا موجود آهي، زراعت کي ٽئڪس رجيم ۾ آڻڻ لاءِ قدم کنيا پيا وڃن، وڏا وزير زرعي ٽئڪس جي حوالي سان قانونسازي ڪرائيندا، هڪ سوال جي جواب ۾ ناڻي جي وفاقي وزير چيو ته اسان کي چين ۽ آمريڪا ٻنهي بلاڪس سان گڏجي اڳتي هلڻو پوندو. ناڻي وزير چيو ته آءِ پي پيز سان معاهدن ۾ تبديلي نٿا ڪري سگهون، توانائي جا معاهدا تبديل ڪيا ته سيڙپڪاري کي نقصان پهچندو، جيڪڏهن معاشي سڌارن تي عمل کي پورو نه ڪيو ويو ته ايندڙ سال به ساڳي صورتحال هوندي، معاشي مسئلن مان نڪرڻ لاءِ سڌارن تي عمل ڪرڻو پوندو. ڪرنسي کي استحڪام ۽ پاڪستان جي ريٽنگ بهتر ٿيڻ واري آهي، هن چيو ته سيلز ٽيڪس ۾ 600 ارب رپين جي جعلي ٽيڪس ڪليم آهي. ڪابينا جي ايس او اي ڪاميٽي 5 وزارتون ختم ڪرڻ تي ڪم ڪري رهي آهي. آءِ ٽي ۽ ٽيليڪام کي گڏائڻ تي غور ڪري رهيا آهيون. ناڻي وزير چيو ته سي پيڪ ۾ چين سان گڏ توانائي جا 9 منصوبا آهن، سيپيڪ تي توانائي منصوبي جو قرض الڳ آهي. چين جي آءِ پي پيز سان قرض مينيج ٿي رهيو آهي. آءِ پي پيز سان معاهدن ۾ تبديلي نٿا ڪري سگهون. چين سان توانائي جي شعبي ۾ ٻنهي ڌرين جي فتح چاهيون ٿا. هن چيو ته هاڻي معاشي ترقي لاءِ قدم کڻڻا پوندا. جيڪڏهن معاشي سڌارن تي عمل کي پورو نه ڪيو ويو ته ايندڙ سال به ساڳي صورتحال هوندي. هن چيو ته بيروني ذريعن سان وسيلن جي لاءِ پاڪستان وٽ ڪو پلان بي ناهي. هي عارضي تڪليف اسان کي برداشت ڪرڻي پوندي، ڪرنسي کي استحڪام ملندو، هن چيو ته ايف بي آر ۾ هراسگي ختم ٿيندي. ڊيٽا ئي سڀ کان وڏو ثبوت آهي. نان فائلرز کي سينٽرلائز طريقي سان نوٽيس ويندا. ڪشمير ۽ گلگت بلتستان جي وزارت ضم ڪرڻ جي ضرورت آهي. ايڪسٽرنل فناسنگ تي صرف 7 ارب رپين جو فرق رهجي ويو آهي. پاڪستان ايڪسٽرنل فنانسنگ تي 7 ارب جو فرق جلد پورو ڪري وٺندو. ايف آءِ ايم ايف جي ايگزيڪيٽوَ بورڊ اجلاس کان پهريان هي 7 ارب ڊالر جو فرق ختم ٿي ويندو. ناڻي وزير چيو ته متحده عرب امارات، سعودي عرب ۽ چين پاڪستان جي معاونت ڪندا جيڪو هن وقت قرضو آهي ان کي رول اوور ڪرائينداسين.

Leave A Comment