زرعي آمدني تي انڪم ٽئڪس لڳندو: وفاق ۽ صوبن آءِ ايم ايف جو مطالبو مڃي ورتو، اڄ پلان پيش ٿيندو
جُولاءِ 12, 2024
واشنگٽن (م ڊ) عالمي مالياتي اداري ( آءِ ايم ايف ) پاڪستان کان نئين قرض پروگرام لاءِ ڊومور جو مطالبو ڪري ڇڏيو. آءِ ايم ايف ماهرن پاڪستاني اختيارين سان مشڪل ترين ورچوئل ڳالهيون ڪيون آهن. ذريعن موجب، آءِ ايم ايف چئني صوبائي حڪومتن جي نمائندن سان ڌار ڌار ڳالهيون ڪيون، ڳالهين دوران ناڻي واري وزارت جا وفاقي ۽ صوبائي آفيسر شامل هئا. ذريعن موجب آءِ ايم ايف پاڪستان کان زراعت تي انڪم ٽئڪس اوڳاڙي بهتر بڻائڻ جو مطالبو ڪيو، چئني صوبن زرعي انڪم ٽئڪس تي آءِ ايم ايف جو مطالبو مڃي ورتو آهي. ذريعن موجب، صوبائي حڪومتن طرفان زرعي آمدني تي ٽئڪس جي اوڳاڙي جو پلان مرتب ڪرڻ لاءِ ٻن ڏينهن جو وقت گهري ورتو آهي، صوبائي حڪومتون اڄ 12 جولاءِ تائين پنهنجا پلان جمع ڪرائينديون. ذريعن جو چوڻ آهي ته زرعي آمدني تي انڪم ٽئڪس جي شرح ساليانو 6 لک کان وڌيڪ آمدني تي لاڳو هوندي، انڪم ٽئڪس جو ريٽ به نارمل انڪم ٽئڪس جي حساب سان هوندو، زرعي آمدني تي وفاق ۽ صوبا هڪ پيج تي اچي ويندا. ذريعن موجب، زرعي آمدني تي صوبائي حڪومتن ۽ آءِ ايم ايف کي ڀرپور سهڪار جي خاطري ڪرائي ڇڏي، ذريعن موجب خيبرپختونخوا حڪومت به آءِ ايم ايف سان هاڪاري ڳالهيون ڪيون، آءِ ايم ايف ڪي پي ڪي حڪومت جي 100 ارب رپين جي سرپلس بجيٽ کي ساراهيو. هوڏانهن ناڻي وزير محمد اورنگزيب چيو آهي ته آءِ ايم ايف سان هن ئي مهيني معاهدو ٿي ويندو، نئون قرض ڪيترو هوندو ان بابت في الحال ڪجهه نٿو چئي سگهجي، رقم 6 ارب ڊالر کان وڌيڪ ٿي سگهي ٿي، سينيٽ جي ناڻي ڪاميٽي ۾ هن چيو ته زرعي ٽئڪس جي آءِ ايم ايف جي شرط تي اڳڀرائي ٿي آهي، زرعي انڪم ٽئڪس جي شرح وڌائڻ تي صوبن سان مشاورت ڪئي وئي آهي صوبن ٽئڪس شرح وڌائڻ تي راضپو ظاهر ڪيو آهي .