زرعي جنسن تي تحقيق وارو ڪم سست، ڪڻڪ، سورج مکي ۽ ووئنڻ جي ٻج جو فقدان، پنجاب مان گهرائڻ جو انڪشاف
آگسٽ 24, 2024
ٽنڊوڄام(رپورٽ: اظھر لوچي) سنڌ زرعي تحقيقي اداري ۾ وڏي وقت کان نئيون جنسون متعارف نه ٿي سگهيون، نون ٻجن جي تحقيقي سرشتو سستي رفتاري جو شڪار، ڪڻڪ ۽ ووئنڻ جي ٻج جو فقدان شدت اختيار ڪري ويو، 80 سيڪڙو ٻج پنجاب مان اچڻ جو انڪشاف، ايگريڪلچر ريسرچ سنڌ گذريل 10 سالن ۾ ڪابه معياري جنس ڏيڻ ۾ ناڪام، سنڌ ۾ ڪڻڪ، ووئنڻ، سارين، ڀاڄين ۽ ڪمند سميت ڪيترن ٻجن تي تحقيقي ڪم نه ٿي رھيو آھي، جڏھن ته ٻج تي ڪم ڪندڙ ايگريڪلچر ريسرچ سنڌ جو ڪم سست رفتاري جو شڪار، 40 سالن جي اندر اھم جنس سامھون ڏيڻ ۾ مڪمل ناڪام ٿي چڪو آھي،سنڌ ۾ خاص طور تي ووئنڻ، سرنھن، سورج مکي ۽ سارين جو ٻج پنجاب ۽ چائنا مان اچي رھيو آھي، ٻجن جي مانيٽرنگ نه ٿيڻ جي ڪري ناقص ٻج جي ڪري آبادگارن کي نقصانن کي منھن ڏيڻو پئجي رھيو آھي، سنڌ ايگريڪلچر ريسرچ ۾ نون ٻجن تي ٿيندڙ تحقيق ھن وقت تائين اثرائتي ڪم ڪرڻ ۾ مڪمل ناڪام ٿي چڪي آھي، ملڪ ۾ ٻج تي تحقيق ڪندڙ ادارن پاران رڪارڊ ۾ 500 جنسون منظور ٿيل آھن، پر منظر عام تي ٻجن جو تعداد آڱرين تي ڳڻڻ جيترو آھي، زرعي تحقيق لاءِ مناسب بجيٽ نه ھجڻ ڪري سنڌ زرعي تحقيقاتي اداري ۾ 1990 کان پوءِ تحقيقي ڪم انتھائي سست رفتاري جو شڪار آھي، جڏھن ته سنڌ ۾ موروثي جنسن جي بدران ِ ٻين صوبن توڙي ٻاهرين ملڪن مان ايندڙ هائبرڊ ٻج زراعت ۾ تباهي مچائي ڇڏي، سنڌ جو نج ورائٽيز ختم ٿيڻ لڳيون، سنڌ سرڪار نج ٻجن ۽ ورائٽيز کي بچائڻ لاءِ حڪمت عملي نه جوڙي سگهي آھي، سنڌ سميت سڄي ملڪ 90 سيڪڙو آبادگار هائبرڊ ٻج استعمال ڪري رهيا آهن، هائبرڊ ٻج پيدوار ۽ وزن ۾ سڀني اڳتي هئڻ سبب گھڻي ڀاڱي پوکيو پيو وڃي، زرعي سائنسدانن پاران تيار ڪيل مختلف فصلن جا ٻج هائبرڊ جي ڀيٽ وزن ۽ پيداوار گهٽ ڏين ٿا، سنڌ جا زرعي سائنسدانن پنهنجو هائبرڊ تيار ناهين ڪري سگهيا،ان حوالي سان مثالي آبادگار ۽ سنڌ آبادگار بورڊ جي اڳواڻ نديم شاهه پنهنجي اخبار سان ڳالهائيندي چيو آهي ته سنڌ زرعي تحقيقاتي اداري جنسون ته متعارف ڪرايو ويون آهن، پر ان جي پٺڀرائي نه پئي ٿئي، جنهن سبب نيون متعارف ٿيندڙ جنسون زوال جي طرف وڃي رھيون آھن، زرعي تحقيقاتي اداري جو ڪم آهي ته جنسن کي متعارف ڪرڻ، واڌاري جو ڪم سيڊ ڪارپوريشن اداري جو آهي، جيڪو ڪنهن به قسم جو زراعت طرف ڌيان نه پيو ڏئي، ھن چيو ته سيد ڪارپوريشن جي 8000 هزار ايڪڙ زمين موجود آھي، ايتري زمين ھوندي، ٻج ملٽي پلائي نه پيو ٿئي ته ٻج آبادگار کي ڪيئن ملي سگھندو، سيڊ ڪارپوريشڻ جي رزلٽ زيرو آھي، هن چيو ته ٽنڊوڄام جي زرعي تحقيقاتي اداري جي زمين 100 ايڪڙ جي لڳ ڀڳ آهي، پر اتي پاڻي جي سهولت موجود ناهي، ساڳي اداري جي ٻي 50 ايڪڙ زمين سڪرنڊ ۾ موجود آهي، 50 ۽ 100 ايڪڙ زمين تي فقد جنس متعارف ڪرائي سگھجي ٿي، پر ان کي وڌارو ڪرڻ سيد ڪارپوريشن جو ڪم آهي، سنڌ آبادگار جي اڳواڻ اسلم نواز مري موجب سنڌ زرعي تحقيقي اداري جو زراعت جي حوالي سان وڏو ڪردار آهي، پر بدقسمتيءَ سان ڪامورن جي لاپرواهي سبب 40 سالن کان به خاص جنسون متعارف نه ٿي سگهيون آهن، سنڌ جي زمينن تي ڪڻڪ جي فصل جو 90 سيڪڙو ٻج پنجاب جو پوکجي رھيو آھي، سنڌ ۾ ٻج جي کوٽ سبب ھتان جا آبادگار مجبوري ۾ ٻاهريون جنسون استعال ڪري رهيو آهي، سنڌ زرعي تحقيقاتي اداري به ھن وقت تائين ڪمند ۽ ووئڻن جي حوالي سان ڪا خاص جنس متعارف ناھي ڪرائي، ڪروڙين رپين جي بجيٽ هجڻ باوجود به تحقيقي ادارا نالي ماتر ڪم ڪري رهيا آهن، هن چيو ته وڏي عرصي کان سنڌ ۾ ڪا به نئين جنس متعارف ڪرائي ٿئي وڃي ته ان جي ملٽي پليڪيشن نه پئي ٿئي، جنهن سبب متعارف ٿيندڙن جنسن کي ترجيع نه ملڻ ڪري، انھن جو معيار ڪري پيو آھي.سنڌ سيڊ ڪارپوريشن ادارو به ڪنهن به قسم جو ڪردار ادا نه پيو ڪري، سنڌ ۾ ڪيلي جي فصل کي خطرناڪ بيماري جي حملي جي شڪايتون ڪرڻ باوجود به ڪا به تحقيق نه ڪئي وئي، جنهن سبب ڪيلي جي فصل کي پاناما ولٽ جو حملو رڪجي نه سگهيو، هن سنڌ حڪومت کان مطالبو ڪيو آهي ته نيون جنسون متعارف ڪرايون وڃن
فصلن جي نين جنسن تي تحقيقي ڪم جاري آھي: اڳوڻو ڊائريڪٽر
ٽنڊوڄام: “پنهنجي اخبار” سان ڳالهائيندي اڳوڻي زرعي تحقيقاتي اداري ٽنڊوڄام جي ڊائريڪٽر لياقت ڀٽو چيو ته سڀني فصلن جي نين جنسن تي تحقيقي ڪم جاري آھي، جنسن جي رجسٽريشن لاءِ جنسون صوبائي سيڊ ڪائونسل ۾ جمع ڪرايل آهن، ھن چيو ته نئين حڪومت ۾ صوبائي زراعت جي عھدو سنڀالڻ بعد جلد ان سلسلي ۾ ميٽنگ ٿيندي، جنھن ۾ جنسن بابت منظوري ورتي ويندي، هن اسان جو ڪم نيون جنسون متعارف ڪرائڻ آھي پر ان جي توسيع جو ڪم سنڌ سيڊ ڪارپوريشن جو آهي، ڪيلي ۾ موجود بيماري جي حوالي سان ڪيل سوال جي جواب ۾ ھن چيو ته ڪيلي جي بيمارين جي حوالي سان تحقيق ۽ پڙتال لاءِ اسان ڪيلي جي ست لائينن جو ٽرائل لڳايو آهي، جنهن ۾ پنج لائين بحال ٿي رھيون آھن، جڏھن ته ٻن لائينن ۾ اھڙي بيماري اڃان موجود آھي. اسان جي نئين جنسن تي ڪم هلندڙ آهي، ميچور ٿيڻ بعد ئي خبر پئجي سگهي ٿئي ته ڪيتري تعداد ۾ ڪهڙي فصل جي نئين جنس متعارف ٿيڻ وڃي پئي
معياري ۽ نج ٻج نه ملڻ پيداوار کي وڌائڻ ۾ هڪ وڏي رڪاوٽ آهي: سنڌ آبادگار بورڊ اڳواڻ
ٽنڊوڄام: سنڌ آبادگار بورڊ به پنھنجي ڪٺ ۽ پريس ڪانفرنس دوران ٻج، ڀاڻ، دوائن ۽ ٻين شين ۾ قانون جي عملداري ۾ ڪوتاھي جي مذمت ڪندي چيو ته ان جي نتيجي ۾ آبادگارن سان گڏ عام صارفين ۽ معيشت کي نقصان پهچي رهيو آهي ان ڪري نئين صوبائي ۽ وفاقي حڪومت پيداواري شين جي اگھن تي ڪنٽرول ڪري انھن کي مناسب سطح تي رکن. هنن چيو ته معياري ۽ نج ٻج نه ملڻ پيداوار کي وڌائڻ ۾ هڪ وڏي رڪاوٽ آهي
سنڌ ۾ بيماري سبب ڪيلي جي پيداوار کي ڪاپاري ڌڪ لڳل جو امڪان
ٽنڊوڄام: ملڪ کي ڪيلي جي 90 سيڪڙو پيداوار سنڌ صوبي ۾ ڪينسر کان وڌيڪ خطرناڪ بيماري ۾ تيزي سان اضافو اچي رھيو آھي، جڏھن ته سنڌ ۾ ڪيلي جي پيداوار کي ڪاپاري ڌڪ لڳل جو امڪان آھي، جيڪڏھن ان تي ضابطو نه اچي سگھيو ته پوري سنڌ ۾ ڪيلي جو فصل ختم ٿيڻ جو خدشو پيدا ٿي ويندو، سنڌ ۾ ايگريڪلچر ريسرچ، نيوڪليئر انسٽيٽيو آف ايگريڪلچر ۽ ٻين ادارن ۾ ٽشو ڪلچر ٻوٽا تيار ڪرڻ جي دعويٰ ته ڪئي پئي وڃي، پر ڪيلي جي بيماري پناما ولٽ کي روڪڻ جو ڪو جامع حل ڳولھي ناھي سگھي
سنڌ زرعي تحقيقي اداري کي بند ڪيو وڃي: زاهد ڀرڳڙي
ٽنڊوڄام: چيمبر آف ايگريڪلچر جي اڳواڻ ۽ مثالي آبادگار زاهد ڀرڳڙي پنهنجي اخبار سان ڳالهائيندي چيو آهي ته سنڌ زرعي تحقيقاتي اداري کي مڪمل طور بند ڪيو وڃي، ڇاڪاڻ ته هتي ڪنهن به قسم جو تحقيقي ڪم نه پيو ٿئي، هندستان ۾ هڪ سال اندر 83 نيون جنسون متعارف ڪرايون ويون آهن، پر بدقسمتيءَ سان سنڌ زرعي تحقيقي اداري پاران 40 سالن ۾ به 83 جنسون متعارف نه ڪرائي سگهي آهي، جنهن هن چيو ته دنيا ۾ حد کان وڌيڪ ڪم ايگريڪلچرل ريسرچ تي ٿئي پيو، ريسرچ ھوندي ته ايگريڪلچر رهندي،سنڌ ۾ ڪڻڪ جو ٻج 90 سيڪڙو ٻاهرين ملڪن کان اچي پيو، جنهن کي ڪنهن به قسم جي جانچ نه پئي ڪئي وڃي. هن انڪشاف ڪندي چيو ته ڪراچي، حيدرآباد، سکر، سڪرنڊ سميت ملڪ جي ٻين علائقن ۾ ڦٽي جي ٻج تي پنجاب جي ڪمپنين جو مونوگرام آھي، پر نج ۽ تصديق ٿيل ھجڻ جو سرٽيفڪيشن ٽيگ موجود ئي ناهي. هن مطالبو ڪيو ته سنڌ جي آبادگارن سان ٿيندڙ ظلم کي روڪيو وڃي