احمدپور لڳ گاهه ڪندڙ عورت يرغمال، هٿياربندن ڪنن مان زيور لاهي ورتا، مزاحمت تي قتل

آڪٽوبر 1, 2024

احمدپور (رپورٽ: امام بخش چانڊيو) احمدپور لڳ نامعلوم جوابدارن گاهه ڪندڙ پيرسن عورت جي ڪنن مان زبردستي سونا زيور لاهي ورتا، مزاحمت تي فائرنگ، عورت قتل، فصل مان لاش هٿ، پوليس ۾ حد بندي جو تڪرار، لاش 3 ڪلاڪ پيل رهيو، رپورٽ موجب ڳوٺ ماستر در محمد ميتلو  ۾ نامعلوم جوابدارن ڳوٺ ڀرسان زمين تي گاهه ڪندڙ 60 ورهين جي پيرسن عورت نصيران ميتلو کي يرغمال بڻائي ڪنن مان زبردستي لکين رپين جا سونا زيور لاهي ورتا، جڏهن ته پيرسن عورت پاران سخت مزاحمت ڪرڻ تي هٿياربندن پسٽل جا فائر ڪري عورت کي قتل ڪري ڇڏيو ۽ فرار ٿي ويا، ڀرپاسي جي ماڻهن واقعي جو اطلاع پوليس کي ڏنو، احمدپور پوليس وارثن کي چيو ته واقعو پيرجوڳوٺ ٿاڻي جي حد جو آهي، جڏهن ته پيرجوڳوٺ پوليس جو چوڻ هو ته واقعي واري حد احمد پور ٿاڻي جي آهي، پوليس ۾ حدبندي جي تڪرار سبب مقتول عورت جو لاش 3 ڪلاڪن تائين گهر ۾ پيل رهيو، بعد ۾ ايس ايس پي خيرپور ڊاڪٽر سميع الله سومرو واقعي جو نوٽيس ورتو ۽ حدبندي تڪرار واري مامري تي پڻ پوليس مٿان ڪاوڙ جو اظهار ڪيو، جنهن بعد واقعي واري هنڌ کي پيرجوڳوٺ ٿاڻي حد ظاهر ڪري ڪليئر ڪيو ويو، عورت جو لاش پيرجوڳوٺ اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو، وارثن جو چوڻ هو ته سندن ڪنهن سان به دشمني نه آهي، جوابدارن عورت جي ڪنن مان لکين رپين جا سونا زيور زبردستي لاهي ڦريا آهن، وڏو ظلم ڪيو ويو آهي، آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو ۽ نه ئي ڪا گرفتاري عمل ۾ اچي سگهي هئي.

Leave A Comment