گجرات مان القاعده جي اڳوڻي سربراهه اسامه بن لادن جو ويجهو ساٿي گرفتار
جُولاءِ 19, 2024
لاهور (ويب ڊيسڪ) پنجاب جي ڪاؤنٽر ٽيررازم ڊپارٽمينٽ (سي ٽي ڊي) گجرات مان القاعده جي اڳوڻي سربراهه اسامه بن لادن جي ويجهو ساٿي کي گرفتار ڪري ورتو آهي
ڊي آءِ جي سي ٽي ڊي عثمان اڪرم گوندل پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته سي ٽي ڊي پنجاب اساما بن لادن جي هڪ ويجهي ساٿي کي گرفتار ڪيو آهي، دهشتگرد کي ڳجهي اطلاع تي آپريشن ڪري گرفتار ڪيو ويو، گرفتار دهشتگرد امين الحق القاعده جو اهم ويڙهاڪ آهي. جنهن جو نالو گڏيل قومن جي عالمي دهشتگردن جي فهرست ۾ شامل آهي
عثمان اڪرم گوندل چيو ته امين الحق جي گرفتاري لاءِ ڪيس داخل ڪري جاچ شروع ڪئي وئي آهي
عالمي سطح تي امين الحق کي اسامه بن لادن جي سيڪيورٽي سپروائيزر طور سڃاتو ويندو هو، جيڪڏهن ڪو اهڙو دهشتگرد آيو ته ان خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي
ڊي آءِ جي سي ٽي ڊي جو چوڻ هو ته دهشتگرد کي 2007ع ۾ گرفتار ڪيو ويو ۽ 4 سالن جي سزا ڪاٽي وئي، دشمن ملڪ جي ايجنسي مٿس تمام گهڻو پروپئگنڊا ڪيو، هي دهشتگرد آگسٽ 2021ع کان افغانستان ۾ ظاهر ٿيو ۽ تازو ئي پاڪستان ۾ داخل ٿيو، جاچ ڪري رهيا آهيون ته ڪهڙو دهشتگرد آهي پاڪستان ۾ ان سطح جو ڪم ٿي رهيو آهي
هن چيو ته هن دهشتگرد وٽ پاڪستان جو شناختي ڪارڊ به آهي. هن دهشتگرد جي سڃاڻپ ڪارڊ تي لاهور ۽ هري پور جا ايڊريس درج آهن. هي دهشتگرد پاڪستان ڪيئن آيو ۽ ڪهڙي سڃاڻپ سان سفر ڪيو؟ ان حوالي سان جاچ ڪئي پئي وڃي
گجرات مان گرفتار دهشتگرد تي عثمان اڪرم گوندل چيوڪيس داخل ٿيڻ جي صورت ۾ کيس ڏنڊ ڀرڻو پوندو
ياد رهي ته القاعده جو اڳوڻو سربراهه اسامه بن لادن 2 مئي 2011ع تي ايبٽ آباد ۾ آمريڪي ڪمانڊوز جي ڪارروائي ۾ مارجي ويو هو