علوي، عمران، سوري آئين ٽوڙيو، جج ذاتي پسند تحت آئين تبديل نه ڪن: 63 اي جو تفصيلي فيصلو

آڪٽوبر 11, 2024

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ پاران آرٽيڪل 63 اي تشريح نظرثاني درخواست تي ٻڌڻي جو تفصيلي فيصلو جاري ڪيو ويو، سپريم ڪورٽ فيصلي خلاف نظرثاني درخواست منظور ڪئي هئي، چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ 23 صفحن تي ٻڌل لکت ۾ فيصلو جاري ڪيو، فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته آرٽيڪل 63 اي تي اڪثريتي ججز جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏنو وڃي ٿو، 17مئي 2022ع جو عدالتي فيصلو آئين جي خلاف آهي، اقليتي ججن جي راءِ کي برقرار رکيو وڃي ٿو، اڪثريتي فيصلو پارليامينٽ ميمبرن لاءِ پريشاني جي عڪاسي ڪري ٿو، اڪثريتي فيصلي موجب تاريخ ۾ هڪ ڀيرو پارليامينٽ ميمبر ضمير موجب باغي ٿيڻ جو رستو اختيار ڪيو، اهڙي توهين پارليامينٽ ميمبرن ۽ سياستدانن لاءِ افسوسناڪ آهي ، نه وساڻ گهرجي ته آل انڊيا مسلم ليگ جي جهنڊي هيٺان سياستدانن پاڪستان حاصل ڪيو، قائداعظم محمد علي جناح سختي سان آئين جو رستو اختيار ڪيو، تفصيلي فيصلي ۾ چيو ويو ته اڪثريتي فيصلي ۾ قانون بدران غيرقانوني سڌارن جي ڀرمار آهي، صحتمند 41 ڀيرا، غير صحتمند 5 ڀيرا، بدتميزي9، برائي 8، خطرو 4 ڀيرا لکيو ويو، اڪثريتي فيصلو ڪالعدم قرار ڏنو وڃي ٿو. تفصيلي فيصلي ۾ چيو ويو ته پي ٽي آءِ بينچ تي اعتراض اٿاريو، جسٽس منيب پاڻ بينچ جو حصو ٿيڻ کان معذرت ڪئي، نظرثاني درخواست 23 جون 2022 ۾ داخل ڪئي وئي هئي، جلدبازي ۾ ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪرڻ جو اعتراض بي بنياد آهي، اڳوڻي چيف جسٽس عمر عطا بنديال جي دور ۾ درخواست ٻڌڻي لاءِ مقرر ئي نه ٿي، جسٽس منيب به کيس ياد نه ڏياريو، صدر علوي ريفرنس سپريم ڪورٽ موڪليو هو، ريفرنس ۾ ڪابينا کان منظوري يا وزيراعظم جي ايڊوائز جو حوالو نه ڏنو ويو، صدر ان وقت وچ ۾ آيو جڏهن  وزيراعظم خلاف بي اعتمادي جي رٿ واري معاملي تي سياسي جهيڙو هلي رهيو هو، تفصيلي فيصلي ۾ چيو ويو ته اڪثريتي فيصلو اسيمبلي ميمبرن جي توهين برابر آهي، سياستدانن ۽ ميمبرن جي اها توهين افسوسناڪ آهي، جج کي غيرضروري شين ۾ پوڻ بدران آئين ۽ قانون موجب فيصلو ڏيڻ گهرجي، آئين شقن کي ذاتي پسند ۽ اخلاقيات سان تبديل ڪرڻ کان پاسو ڪرڻ گهرجي، مخصوص جج جيڪڏهن صحيح، غلط، اخلاقي يا غير اخلاقي سمجهي ٿو ته قانوني آهي نه آئيني، قانونسازي ڪندڙ اخلاقيات تي ٻڌل قانونسازي ڪري سگهن ٿا، عدالت کي صرف ڏسڻو آهي ته ڇا قانوني ۽ ڇا غيرقانوني آهي، پارليامينٽ آئين ٺاهيندي آهي عدالت آئين لاڳو ڪندي آهي جج ڪنهن قانون جي تشريح ڪري به ٿو ته ان جا طئي ٿيل اصولن تحت ڪرڻ گهرجي. اڪثريتي فيصلي پارليامينٽ جي اجتماعي دانش جي خلاف آهي، پارٽي سربراهه جو اختيار آهي ته ڪنهن ميمبر جي باغي ٿيڻ يا نه ٿيڻ جو فيصلو ڪري، فيصلو لکندڙ ججز پارٽي سربراهه جو اختيار پاڻ کي ڏئي ڇڏيو، آرٽيڪل 63 اي ۾ ڪٿي ناهي لکيل ته باغي ميمبر جو ووٽ نه ڳڻيو ويندو، ٽن آئيني عهديدارن آئين جي ڀڃڪڙي ڪئي، باني پي ٽي آءِ خلاف بي اعتمادي ووٽنگ 3 اپريل 2022ع تي ٿيڻي هئي، ڊپٽي اسپيڪر قاسم سوري ووٽنگ جي اجازت نه ڏئي آئين جي ڀڃڪڙي ڪئي، آئين موجب بي اعتمادي رٿ اچڻ بعد وزيراعظم اسيمبلي ٽوڙي نٿو سگهي ان وقت صدر علوي ان وقت جي وزيراعظم عمران جي سفارش تي اسيمبلي ٽوڙي، ٽنهي آئيني عهديدارن آئين جي پاسداري جو حلف کنيو هو انهن ئي آئين جي ڀڃڪڙي ڪئي.

Leave A Comment