علي امين گنڊاپور جا گرفتاري وارنٽ جاري، سڀاڻي پيش ڪرڻ جو حڪم

سيپٽمبر 4, 2024

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اسلام آباد جي عدالت غير قانوني هٿيار ۽ شراب هٿ ڪرڻ واري ڪيس ۾ خيبرپختونخوا  جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا، ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ علي امين گنڊاپور جي طبي بنيادن تي حاضري کان ڇوٽ واري درخواست رد ڪندي پوليس کي ڪي پي جي  وڏي وزير کي اڄ گرفتار ڪري پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو،آڪٽوبر 2016 ۾ اسلام آباد پوليس بني گالا ٻاهران تحريڪ انصاف جي اڳواڻ جي گاڏيءَ مان 5 ڪلاشنڪوف، هڪ پستول، 6 ميگزين، هڪ بلٽ پروف ويسٽ، شراب ۽ ڳوڙها آڻيندڙ گئس جا شيل  هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي هئي، پي ٽي آءِ اڳواڻ پوليس جي ان دعويٰ کي رد ڪندي چيو هو ته هو ٻن لائسنس يافته ڪلاشنڪوف سان سفر ڪري رهيو هو ۽ گاڏي ۾هٿيارن جو لائسنس هو، هن اها به دعويٰ ڪئي هئي ته هو شراب جي بوتل ۾ ماکي کڻي وڃي رهيو هو، جنهن کي پوليس شراب سمجهي ضبط ڪيو.

Leave A Comment