علي امين گنڊاپور خيبر پختونخواهه جو وڏو وزير چونڊجي ويو

مارچ 1, 2024

علي امين گنڊاپور خيبر پختونخواهه جو وڏو وزير چونڊجي ويو، سني اتحاد ڪائونسل جي اميدوار طور علي امين گنڊاپور کي 90 ووٽ ۽ نواز ليگ جي اميدوار عبادالله کي 16 ووٽ مليا، علي امين گنڊاپور وڏو وزير چونڊجڻ بعد چيو ته اسان جي مٿان ڪوڙا ڪيس داخل ڪرائيندڙ سزا لاءِ تيار ٿي وڃن، چيف جسٽس آف پاڪستان 9 مئي جي واقعن جي جاچ لاءِ عدالتي ڪميشن جوڙي، چونڊن ۾ بدترين ڌانڌليون ڪرائيندي اسان کان چونڊ نشان به کسيو ويو، چيف اليڪشن ڪمشنر ڌر بڻيل آهي، چيف اليڪشن ڪمشنر فوري طور استعيفا ڏئي، صوبي جي معدنيات عوام جي فائدي لاءِ استعمال نه ٿيندي ته ڪنهن کي به پنهنجي معدنيات کي هٿ لڳائڻ نه ڏينداسين، بجليءَ جي مد ۾ صوبي جو حق ڇڪي وٺنداسين

Leave A Comment