سنڌ هاءِ ڪورٽ جا سمورا جج آئيني ڪيس ٻڌندا: 10 ججز خلاف شڪايتون خارج: 6 ججز جي خط بابت مشاورت وڌائڻ تي اتفاق

نومبر 9, 2024

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سنڌ هاءِ ڪورٽ جا سمورا ججز 24 نومبر تائين آئيني ڪيس ٻڌي سگهن ٿا، چيف جسٽس يحيٰ آفريدي جي صدارت هيٺ جوڊيشل ڪميشن جي اجلاس ۾ اهڙو فيصلو ڪيو ويو، اجلاس جي پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته اجلاس ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ آئيني بينچ جي جوڙجڪ جي ايجنڊا تي غور ڪيو ويو. سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس محمد شفيع صديقي جي پيش ڪيل تجويز جي منظوري ڏني وئي. سنڌ هاءِ ڪورٽ جا سمورا معزز ججز آئيني بينچز جي لاءِ 24 نمبر تائين ڪم جاري رکي سگهندا. ان معاملي تي جوڊيشل ڪميشن جو ايندڙ اجلاس 25 نومبر تي ٿيندو. اجلاس ۾ جسٽس سيد منصور علي شاهه، جسٽس منيب اختر، جسٽس امين الدين خان ۽ جسٽس جمال الدين خان مندوخيل شرڪت ڪئي. ان کان علاوه چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ محمد شفيع صديقي، وفاقي وزير قانون اعظم نذير تارڙ، اٽارني جنرل منصور عثمان اعواڻ، سينيٽر فاروق حميد نائيڪ، سينيٽر سيد شبلي فراز، شيخ آفتاب احمد، ايم اين اي عمر ايوب خان، مسز روشن خورشيد ، وزير قانون سنڌ ضياءَ الحسن لنجار، سپريم ڪورٽ ۽ سنڌ بار ڪائونسل جي ميمبر قربان علي ملاڻو به اجلاس ۾ شرڪت ڪئي.اجلاس بعد صحافين سان ڳالهائيندي قانون جي وفاقي وزير، اعظم نذير تارڙ چيو آهي ته اجلاس ۾ 26هين ترميم بعد سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ آئيني بئنچ جوڙڻ بابت تجويزن تي غور ٿيو، اِن معاملي تي اجلاس 25 نومبر تائين ملتوي ڪيو ويو، فيصلو ٿيو ته ايندڙ اجلاس تائين سنڌ هاءِ ڪورٽ جا سمورا ججز آئيني ڪيسز ٻڌي سگهندا، سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ هينئر 12 ججز جون جايون خالي آهن

اسلام آباد: سپريم جوڊيشل ڪائونسل 10 ججز خلاف شڪايتون ناڪافي شاهدين جي بُنياد تي خارج ڪري ڇڏيون،ججز خلاف شڪايتون داخل ڪرائيندڙن خلاف ڪارروائي جو فيصلو ڪيو ويو، چيف جسٽس يحيٰ آفريدي جي صدارت هيٺ سُپريم جوڊيشل ڪائونسل جو اجلاس ٿيو، پڌرائي ۾ڪنهن جو نالو ناهي ڄاڻايو ويو، پڌرائي موجب اجلاس ۾ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي 6 ججز جي خطن جو جائزو ورتو ويو، خطن تي مشاورت جو دائرو وڌائڻ تي اتفاق ڪيو ويو، پڌرائي ۾ چيو ويو ته جوڊيشل ڪائونسل جو ڪنڊڪٽ ججز کان علاوه ٻين ادارن تي لاڳو ٿيندو آهي، ڪوڊ آف ڪنڊڪٽ جي معاملي تي مشاورت جو دائرو وسيع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو، ايندڙ اجلاس ۾ ڪوڊ آف ڪنڊڪٽ ترميم تي غور ڪيو ويندو، پڌرائي موجب رولز جي مسودي تي ايندڙ اجلاس ۾ غور ڪيو ويندو، هاڻي هر مهيني جوڊيشل ڪائونسل جو اجلاس گهرايو ويندو

Leave A Comment