ٺٽي ۾ نيون ساريون مارڪيٽ ۾ اچي ويون، واپارين جي ھڪ ھٽي قائم، اگهه گهٽ

سيپٽمبر 30, 2024

ٺٽو (رپورٽر) ٺٽي ضلعي ۾ سارين جو فصل لھندي شرط ئي واپارين ھڪ ھٽي قائم ڪندي سارين جا اگھ پنھنجي مرضي موجب مقرر ڪندي زميندارن کي ٻنھي ھٿن سان ڦرڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي ان ڏس ۾ ضلعي ٺٽي جي مختلف علائقن جي رھواسي زميندارن جي ڊي اي جي اڳواڻ شاھنواز بروھي، زميندار مير محمد بروھي، غلام قادر بروھي، محمد قاسم خاصخيلي، اسحاق بروھي، ظھور قادر لاشاري، وڏيرو داد محمد بروھي، وحيد رند، حاجي سليمان جاکرو، حاجي نورو جوکيو، صاحبڏنو ميربحر، حاجي شفيع محمد جانوري ۽ ٻين چيو آهي ته سارين جو فصل لھندي شرط ئي واپارين ھڪ ھٽي قائم ڪندي سارين جا اگھ ڪيرائي وڌا آھن، جنھن ڪري زميندارن کي مٿي تي ھٿ اچي ويا آھن، ھنن چيو تہ ھڪ طرف مھنگائي ۾ اضافو پيو ٿئي، ٻئي طرف تازو پيل برساتن فصلن کي ڪاپاري ڌڪ رسايو آھي، ويتر ڪسر واپارين پوري ڪري سارين جا اگھ ڪيرائي پنھنجي مرضي موجب اگھ مقرر ڪري ڇڏيا آھن، جنھن ڪري زميندار طبقو سخت پريشان ٿي ڪنگال بڻجي رھيو آھي، جن تي ڪنھن کي بہ احساس نٿو اچي، ھنن چيو تہ ھڪ سازش تحت زميندارن کي ھٿ وٺي نقصان پھچايو پيو وڃي، جيڪا ساڻن وڏي زيادتي آھي، ھنن سنڌ سرڪار، ضلعي انتظاميہ ٺٽو کان گھر ڪئي ته فورن ھن عمل جو نوٽيس وٺي واپارين جي ھڪ ھٽي ختم ڪري سارين جا اگهھ وڌائي زميندارن کي پھچندڙ نقصان جو ازالو ڪرائي زميندارن کي رليف ڏيڻ سميت کين ٻج ۽ ڀاڻ تي سبسڊي مھيا ڪري وڌي پريشاني ۽ پھچندڙ نقصان کان بچايو وڃي، ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو.

Leave A Comment