ترميم آزاد ميمبرز سبب منظور ٿي، عام ماڻهو کي تڪڙو انصاف ملندو: وزيراعظم

آڪٽوبر 23, 2024

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته 26 هين آئيني ترميم سان عام ماڻهن کي عدالتن مان جلد انصاف ملندو، آئيني ترميم ميثاق جمهوريت جي تصور جي تڪميل آهي، آئيني ترميم جي منظوري ۾ صدر آصف زرداري، بلاول ڀٽو ۽ مولانا فضل الرحمان جو ڀرپور تعاون رهيو، وزيراعظم شهباز شريف وفاقي ڪابينا جي اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته 26 هين آئيني ترميم پاڪستان جي ترقي، خوشحالي ۽ استحڪام لاءِ اثرائتي ۽ مثبت ثابت ٿيندي، وزيراعظم آئيني ترميم جي حق ۾ ووٽ ڏيندڙ 5 ايم اين ايز جا ٿورا مڃيا، وزيراعظم شهباز شريف چيو ته هو ووٽ ڏيندڙ ميمبرز جو ٿورائتو آهي، جيڪي آزاد آهن ۽ ڪنهن پارٽي لاءِ ٽڪيٽ به نه ورتي هئي، اُنهن ميمبرز جي ڪري 26هين آئيني ترميم منظوري ٿِي،  وزيراعظم چيو ته مهانگائي جي شرح 6 ڏهائي 9 سيڪڙو تائين گهٽجي وئي آهي، وياج جي شرح ۾ به جوڳي لاٿ ٿي آهي ۽ وڌيڪ لاٿ اچڻ جا امڪان آهن.وزيراعظم ملڪ ۾ پوليو جي وڌندڙ ڪيسن تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي. انساني حقن واري وزارت جي سفارش تي وفاقي ڪابينا گهريلو تشدد روڪٿام ۽ تحفظ بل 2024 قانونسازي بابت ڪابينا ڪاميٽي ڏانهن موڪلڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي. هي بل اسلام آباد جي حدن ۾ لاڳو ٿيندو. وفاقي ڪابينا وفاقي تعليم ۽ ٽيڪنيڪل ٽريننگ واري وزارت جي سفارش تي ليفٽيننٽ جنرل رٽائرڊ معظم اعجاز، انجنيئر فهيم اقبال ۽ عاصم شهريار حسين کي نيشنل ووڪيشنل اينڊ ٽيڪنيڪل ٽريننگ ڪميشن جي بورڊ آف مئنيجمينٽ ۾ پرائيويٽ ميمبر طور مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي. وفاقي ڪابينا قانون ۽ انصاف واري وزارت جي سفارش تي ڪليمز فار مينٽيننس  (ريڪوري ايبروڊ) آرڊيننس 1959 جي تحت قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزارت کي ٽرانسميٽنگ ۽ وصول ڪندڙ ايجنسي مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏني. وفاقي ڪابينا قومي صحت واري وزارت جي سفارش تي نيشنل ڪائونسل فار ميڊيسن جي جاچ ڪندڙ باڊي جي چيئرپرسن ۽ ميمبرن جي مقرري جي منظوري ڏني. ڊاڪٽر شفيع ارشد کي نيشنل ڪائونسل فار ميڊيسن جي امتحاني باڊي جو چيئرپرسن مقرر ڪيو ويو آهي، جڏهن ته باڊي جي ميمبرن ۾ ڊاڪٽر رضوان آصف، محمد خورشيد ميمڻ، اڪرام الله، معين الدين ۽ ڊاڪٽر عطاءُ الله شامل آهن. وفاقي ڪابينا قومي صحت واري وزارت جي سفارش تي فارميسي ڪائونسل آف پاڪستان جي نئين سر  تنظيم سازي جي منظوري ڏئي ڇڏي.

Leave A Comment