آمريڪا ظالم جو ساٿاري: گڏيل قومن ۾ فلسطين جي مستقل رڪنيت جي قرارداد ويٽو ڪري ڇڏي

اپريل 20, 2024

غزه/ روم / نيويارڪ (م ڊ) غزه ۾ اسرائيلي  جارحيت جاري آهي، حماس ڪمانڊرن سميت ڪيترائي شهيد ٿي ويا. ان ڏس ۾ پرڏيهي ميڊيا موجب رام الله ۾ اسرائيلي فوجين ۽ فلسطينين ۾ چڪريون ٿيو، ان دوران اسرائيل نور شمس ڪيمپ تي حملو ڪري ڏنو، جنهن جي نتيجي ۾ القسام برگيڊ جو ڪمانڊر ابو شجاع الجابر ۽ سندس ساٿي اامير ابو حذيفه شهيد ٿي ويا.  ٻئي پاسي ڪالهه هزارين فلسطينين رڪاوٽون ٽوڙي بيت المقدس ۾ جمعي جي نماز ادا ڪئي. ميڊيا رپورٽن موجب 50 هزار مسلمانن مسجد اقصيٰ ۾ نماز ادا ڪئي.  اسرائيلي فوجين مسجد اقصيٰ ويندڙ رستن جي ناڪابندي ڪئي هئي.  هوڏانهن اسرائيلي فوج جي بڪتر بند گاڏي تي بارود سان حملي ۾ چار اسرائيلي فوجي زخمي ٿي پيا.  هوڏانهن آمريڪا گڏيل قومن ۾ فلسطين جي مستقل رڪنيت بابت درخواست کي ويٽو ڪري ڇڏيو آهي. سلامتي ڪائونسل جي ميمبرن جي اڪثريت جي حمايت باوجود فلسطين جي گڏيل قومن ۾ مستقل رڪنيت بابت قرارداد منظور نه ٿي سگهي.  سلامتي ڪائونسل جي اجلاس دوران 12 ميمبر ملڪن فلسطين کي گڏيل قومن جي رڪنيت ڏيڻ جي حمايت ۾ ووٽ ڏنو، جڏهن ته آمريڪا درخواست کي ويٽو ڪري ڇڏيو. قرارداد دوران برطانيا ۽ سوئزرلينڊ ووٽنگ ۾ حصو نه ورتو.  فلسطيني صدر آمريڪي ويٽو تي رد عمل ڏيندي آمريڪا جي قدم کي نا انصافي ۽ بد اخلاقي قرار ڏنو آهي. هن چيو ته آمريڪا جي ان قدم جي مذمت ڪريون ٿا. فلسطيني نمائدي رياد منصور جذباتي انداز ۾ ڳالهائيندي چيو ته فلسطيني جي عزم کي شڪست نٿي ڏئي سگھجي. اسان جون ڪوششون جاري رهنديون.  اسرائيل  جي پرڏيهي وزير چيو ته سلامتي ڪائونسل ۾ شرمناڪ تجويز ڏني وئي، جيڪا رد ٿي وئي. دهشتگردي تي فلسطيني رياست کي انعام نه ڏنو ويندو، هن آمريڪا پاران ويٽو ڪرڻ تي سندن تعريف به ڪئي.  هوڏانهن گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس چيو آهي ته ٻه رياستي حل ۾ اڳڀرائي نه ڪئي وئي ته سخت تشدد جو خطرو وڌي ويندو.  ٻئي پاسي اسرائيلي فوج معصوم ٻارن جي روئڻ جي رڪارڊنگ ذريعي فلسطينين کي ڦاسائي نشانو بڻائڻ لڳي آهي. نصيرات ڪيمپ ۾ٻارن جي روئڻ ۽ عورتن جي رڙين جي رڪارڊنگ کي استعمال ڪيو ويو. ٻارن ۽ عورتن جي دانهن جي آواز تي رات جي اونداهي ۾ فلسطيني گڏ ٿي ويا ته فلسطيني ڊرونز ذريعي مٿن حملا ڪيا ويا.  هوڏانهن جي سيون ملڪن جو اجلاس ٽن ڏينهن بعد ختم ٿي ويو.  اسرائيلي فوج عالمي قانونن جي پابندي ڪري. حماس سمورن اسرائيلي يرغمالين کي آزاد ڪري. غزه پٽي ۾ وڏي تعداد ۾ بي گناهه شهرين جي قتل عام تي ڳڻتي آهي. غزه پٽي جي ڏاکڻي علائقي ۾ اسرائيلي فوجي جي آپريشن جي سخت مخالفت ڪيون ٿا. رفح ۾ ڪو به فوجي ڪارروائي خطنراڪ انساني الميي کي جنم ڏئي سگھي ٿي.ا سرائيل غزه پٽي ۾ وڌ کان وڌ امدادي سامان داخل ٿيڻ لاءِ قدم کڻي. سمنڊ ۾ حوثين جي حملن جي مذمت ۽ جوابي ڪارروائي جي حمايت ڪريون ٿا. وچ اوڀر ۾سمورن آفرڪين کي ڇڪتان کان اسو ڪرڻ رجي.  ايران ۽ ان جي حمايتي قوتون حملن کي فوري طور تي روڪيو وڃي.  خطي ۾ بين الاقماوي امن جي تباهي جو ذميوار ايران آهي. ايران خلاف پابنديون لڳائڻ لاءِ تيار آهيون.

Leave A Comment