آمريڪي حڪومت جو عمران جي آزادي لاءِ ڪردار ادا ڪرڻ کان انڪار

آڪٽوبر 31, 2024

واشنگٽن(م ڊ) آمريڪا پنهنجي ڪانگريس ميمبرن جي خط باوجود اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي آزادي ۾ ڪردار ادا ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو

آمريڪي پرڏيهي ترجمان ميٿيو ملر پريس بريفنگ ۾ چيو ته عمران حڪومت جي خاتمي ۾ آمريڪا جي ڪردار جا الزام غلط آهن. کيس هٽائڻ ۾ آمريڪا جو ڪو به ڪردار ناهي، اها ڳالهه ڪيترائي ڀيرا ڪري چڪو آهيان

هن چيو ته پاڪستان جي سياست جو معاملو پاڪستان جي عوام کي پنهنجي قانون ۽ آئين موجب طئي ڪرڻو آهي. عمران خلاف قانوني ڪارروائي پاڪستان جي عدالتن جو اندروني معاملو آهي

هن چيو ته ڪيناڊا پاران سک اڳواڻ جي قتل ۾ ڀارت جي گهرووزير اميت شاهه تي لڳايل الزام ڳڻتي جوڳا آهن

Leave A Comment