نيويارڪ ۾ آمريڪي سياستدان جي قتل جي سازش جي الزام هيٺ پاڪستاني شهريءَ تي فرد جرم لاڳو
آگسٽ 7, 2024
نيويارڪ ۾ آمريڪي سياستدان جي قتل جي سازش جي الزام هيٺ پاڪستاني شهريءَ تي فرد جرم لاڳو، نيويارڪ جي بروڪلن فيڊرل ڪورٽ ۾ 46 سالن جي پاڪستاني شهري آصف رضا مرچنٽ تي فرد جرم لاڳو ڪيو ويو، فرد جرم جي دستاويزن موجب ايران سان ويجهڙائي وارا لاڳاپا رکندڙ پاڪستاني شهري آصف رضا مرچنٽ آمريڪي سرزمين تي سياستدان ۽ حڪومتي اهلڪارن کي قتل ڪرڻ جي سازش ڪئي، ايف بي آءِ جي ڊائريڪٽر ڪرسٽوفر رَي جو چوڻ آهي ته ڪرائي جي قاتلن ذريعي خطرناڪ سازش هڪ پاڪستاني شهري پاران تيار ڪئي وئي، آمريڪي نشرياتي خابرو اداري موجب سازش جو هدف اڳوڻو صدر ڊونلڊ ٽرمپ ۽ اڳوڻا توڙي هاڻوڪا حڪومتي عملدار هئا، وائيٽ هائوس پاران وضاحت ڪندي چيو ويو آهي ته ان سازش جو تازو ڊونلڊ ٽرمپ تي ٿيل قاتلاڻي حملي سان ڪو به تعلق نه آهي، فرد جرم جي دستاويزن موجب آصف رضا مرچنٽ ڪراچي جو رهواسي آهي جنهن جا مبينا طور تهران سان ويجهڙائي وارا لاڳاپا هئا، آصف رضا مرچنٽ جاچ ڪندڙن کي ٻڌايو ته هن جي ايران ۾ گهر واري ۽ ٻار آهن ۽ پاڪستان ۾ به الڳ خاندان آهي، دستاويزن موجب آمريڪا جي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن سازش کي ڪنهن به حملي کان اڳ ئي ناڪام بڻائي ڇڏيو، آصف رضا مرچنٽ ڪرائي جي قاتلن لاءِ جن ماڻهن سان رابطو ڪيو اهي سڀ نيويارڪ ۾ ڳجهي اداري جا اهلڪار هئا، آصف مرچنٽ ڪرائي جي قاتلن طور ڳجهي اداري جي ايجنٽن کي ايڊوانس ۾ 5 هزار ڊالرز به ڏنا، 12 جولاءِ تي آمريڪا ڇڏڻ کان اڳ ئي آصف مرچنٽ کي گرفتار ڪيو ويو
ٽرمپ کي قتل ڪرڻ جي منصوبابندي الزام ۾ پاڪستاني گرفتار
واشنگٽن(م ڊ) آمريڪا جي اختيارين اڳوڻي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ۽ ٻين کي قتل ڪرڻ جي منصوبا بندي ڪرڻ جي الزام ۾ پاڪستاني نسل جي شهري آصف رضا مرچنٽ کي گرفتار ڪري ورتو آهي. آمريڪي ميڊيا موجب آصف مرچنٽ جا ايراني عملدارن سان رابطن جو به پتو لڳايو ويو آهي. ٻئي طرف ڊونلڊ ٽرمپ ۽ ٻين جي سيڪورٽي ۾ اضافو ڪيو ويو آهي.