ناراض بلوچن کي ڳالهين جي دعوت: چين خلاف ڪارروائيون ڪندڙ ملڪ دشمن آهن، خيرخواهن کي ڀاڪر پائينداسين: وزيراعظم

جُولاءِ 9, 2024

ڪوئيٽا (مانيٽرنگ ڊيسڪ) وزيراعظم محمد شهباز شريف ناراض بلوچن کي ڳالهين جي دعوت ڏيندي چيو آهي ته چين خلاف ڪارروائيون ڪندڙ  ملڪ دشمن آهن، خيرخواهن کي ڀاڪر پائينداسين. ڪوئيٽا ۾ صوبائي ڪابينا جي اجلاس ۽ تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو  ته بلوچستان سوڌو ٻين صوبن ۾ سيڙپڪاري لاءِ سڀ کان پهرين سيڪيورٽي ضروري آهي، چين خلاف ڪارروائيون ڪندڙ سي پيڪ، پاڪستان ۽ بلوچستان سوڌو پاڻ سان به دشمني ڪن ٿا، شهباز شريف چيو ته ناراض بلوچ گڏ ويهي شڪايتون ختم ڪن جيڪو بلوچستان ۽ پاڪستان جي خيرخواهي گهري ٿو، اُن کي ڀاڪر پائينداسين، هن چيو ته وفاق بلوچستان سان گڏجي صوبي جا 28 هزار ٽيوب ويل سولر تي منتقل ڪندو.  ٽيوب ويلز کي فيڊرز جي بجلي تان هٽائي شمسي توانائي مان حاصل ٿيندڙ بجلي تي منتقل ڪرڻ جو فيصلو ٿيو آهي جنهن تي وفاقي ۽ صوبائي حڪومت وچ ۾ معاهدي تي صحيحون ٿيون. وزيراعظم چيو ته ان سان 28 هزار هاري فائدو وٺندا ۽ سال جا 80 کان 90 ارب رپين جا بجلي جا بل ادا نه ڪرڻ سبب خسارو وفاق ادا ڪندو هو هاڻي اها بچت ٿيندي هن چيو ته گذريل 10 سالن جو ڪاٿو لڳائجي ته سراسري 500 ارب رپيا وفاق جا بچي ويندا، سستي بجلي ملندي ۽ ٻنين کي پاڻي ملندو. هن چيو ته بلوچستان جي وڏي وزير ٽن مهينن ۾ هن منصوبي جي پورائي جي خاطري ڪرائي آهي، جيڪڏهن هو ڪامياب رهيو ته کيس اسلام آباد گهرائي عوامي سطح تي ڀيٽا پيش ڪنداسين. تنهن کانپوءِ صوبائي ڪابينا جي اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته بلوچستان ملڪ جو اهم صوبو آهي، اين ايف سي ايوارڊ تحت بجيٽ ۾ 100 سيڪڙو واڌ ڪئي وئي، ضايع ٿيندڙ 500 ارب رپيا صوبي جي ترقي جي بجيٽ تي خرچ ٿيندا ته بلوچستان ڪٿان کان ڪٿي پهچي ويندو. هن چيو ته سڄي ملڪ ۾ 10 لک ٽيوب ويل آهن جيڪي تيل تي هلن ٿا جن جو امپورٽ بل ساڍا 3 ارب ڊالر ٿئي ٿو، انهن لاءِ به جلد منصوبو آڻينداسين. هن چيو ته سڄي ملڪ مان هڪ هزار ڊگري هولڊرز کي زرعي ٽريننگ لاءِ وفاق چين موڪليندو جنهن ۾ بلوچستان جو حصو ٻين جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ هوندو. وزيراعظم چيو ته جيڪڏهن اسان ڏکيا فيصلا نه ڪيا ته ٽي سال ڇا اسان کي اڳتي به آءِ ايم ايف وٽ وڃڻو پوندو، اهو ٻڏي مرڻ جو مقام هوندو جيڪڏهن اسان 3 سالن کانپوءِ ٻيهر آءِ ايم ايف وٽ وڃون. ان کان اڳ گورنر بلوچستان جعفر خان مندوخيل ۽ بلوچستان جي وڏي وزير سرفراز بگٽي ڪوئٽا پهچڻ تي وزيراعظم جي آجيان ڪئي. ڪوئيٽا ۾ وزيراعظم شهباز شريف ۽ گورنر بلوچستان جي ملاقات ٿي، گورنر ترقي ۾ دلچسپي وٺڻ تي وزيراعظم جا ٿورا مڃيا، گورنر وزيراعظم کي صوبي جي انتظامي معاملن ۽ امن امان کان آگاهه ڪيو. وزيراعظم شهباز شريف سان بلوچستان جي وڏي وزير مير سرفراز بگٽي ملاقات ڪئي، ملاقات ۾ لا اينڊ آرڊر جي صورتحال ۽ ترقياتي منصوبن تي اڳڀرائي کان وزيراعظم کي آگاهه ڪيو ويو.

Leave A Comment