انقره ۾ دهشتگردي، حساس دفاعي اداري ٻاهران ڌماڪا ۽ فائرنگ: 4 شهري ۽ 2 حملي آور مارجي ويا
آڪٽوبر 24, 2024
انقره (م ڊ) ترڪيه جي گادي واري هنڌ انقره ۾ حساس دفاعي اداري ٻاهران دهشتگردن حملو ڪري ڏنو، علائقو ڌماڪن سان گونجي اٿيو، جنهن سبب 4 ڄڻا مارجي ويا، 14 کان وڌيڪ ماڻهو زخمي ٿي پيا
ترڪ ميڊيا موجب عورت سميت 3 دهشتگردن حملو ڪيو، صنعتي يونٽ جي سوين ملازمن کي يرغمال بڻايو ويو. شروعاتي اطلاعن موجب ترڪ سيڪيورٽي فورسز 2 حملي آورن کي به ماري ڇڏيو. ڪيتري ئي دير تائين فائرنگ جا آواز پڻ ٻڌا ويا
ترڪيه جي گهرو وزير دهشتگرد حملي جي تصديق ڪندي چيو ته ترڪش ايرو اسپيس انڊسٽريز جي احاطي ۾ دهشتگردي حملو ٿيو
عرب ميڊيا موجب حملي آورن دفاعي يونٽ تي ڌماڪيدار مواد اڇلايو فائرنگ ڪئي وئي دهشتگردن ۾ هڪ عورت به شامل هئي
هوڏانهن نيٽو جي سربراهه مارڪ روٽ انقره ۾ دهشتگردي جي مذمت ڪندي چيو ته پنهنجي اتحادي ترڪيه سان گڏ بيٺا آهيون. شهرين جي مارجڻ ۽ زخمين جي اطلاعن تي ڳڻتي آهي