پي ٽي آءِ جي جلسي ۾ 9 مئي واقعي جا اشتهاري جوابدار آيا ته کين گرفتار ڪيو ويندو: عظميٰ بخاري
سيپٽمبر 21, 2024
پي ٽي آءِ جي جلسي ۾ 9 مئي واقعي جا اشتهاري جوابدار آيا ته کين گرفتار ڪيو ويندو، جلسي ۾ فتنو فساد ڪندڙن کي فولادي هٿن سان منهن ڏينداسين: پنجاب جي سڌ سماءَ واري وزير عظميٰ بخاري جي لاهور ۾ پريس ڪانفرنس
عظميٰ بخاري چيو ته جلسي جي موقعي تي ڪو به روڊ رستو بند نه ڪيو ويو آهي، جلسو شام 6 وڳي بند ڪرائڻ جلسي جو انتظام ڪندڙن جي ذميواري هوندي
علي امين گنڊاپور جلسي جي شرط تحت لکت ۾ نه پر جلسي ۾ اچي معافي وٺي اسان قبول ڪنداسين، علي امين گنڊاپور جي واٽس ايپ گروپ تي ڏيکاريو پيو وڃي ته سندن ڪارڪن ڏنڊا ۽ هٿيار کڻي نڪري رهيا آهن، ڪنهن کي به قانون هٿ ۾ کڻڻ جي اجازت نه ڏني ويندي