ڪراچي، ڪوئيٽا ۽ پشاور ۾ به ڌرڻن جو اعلان، 2 ڏينهن الٽيميٽم، ڊي چوڪ وڃي سگهون ٿا: حافظ نعيم الرحمان

جُولاءِ 30, 2024

راولپنڊي(م ڊ) راولپنڊي ۾ طوفاني وسڪارن باوجود جماعت اسلامي جو ڌرڻو چوٿين ڏينهن به جاري رهيو، مهانگائي ۽ بجليءَ جي بلز ۾ ڳرن ٽئڪسز خلاف ڌرڻي ۾ شامل مظاهرين طوفاني برسات سبب ميٽرو بس جي پل هيٺان گڏ ٿي ويا، جماعت اسلامي جي امير حافظ نعيم الرحمان چيو آهي ته برسات باوجود ڌرڻو جاري رهندو، ڪراچي، ڪوئيٽا ۽ پشاور ۾ به ٻن ڏينهن کانپوءِ ڌرڻا هنيا ويندا، جڏهن ته ڊي چوڪ به وڃي سگهون ٿا.  حافظ نعيم الرحمان چيو ته ماڻهو مايوس ٿي رهيا آهن ۽ ڳالهه خودڪشين تائين پهتي آهي، بجليءَ جي قيمت اڌ تائين گهٽائي وڃي ۽ سمورين آءِ پي پيز کي آئوٽ ڪيو وڃي، عوام کي ڌرڻي مان وڏيون اميدون آهن، وزيراعظم، وڏن وزيرن ۽ ججز سميت سڀني کي 13 سئو سي سي گاڏيون ڏنيون وڃن، وڏي وڏين گاڏين جو بار عوام تي وڌو وڃي ٿو، حڪمران رڳو عوام کان قربانيون گهرڻ بدران پاڻ به ڪجهه ڪن، حافظ نعيم وڌيڪ ڍيو  ته هي پاڪستان تي مسلط ڪيل اشرافيه ناهي  پر بدمعاشيه آهي. پاڪستان کي جاگيردارن ۽ آمرن کان نجات ڏياري ويندي، جماعت اسلامي هڪ ڀيرو ٻيهر افق تي اڀري آهي. هن چيو ته حڪومت جي ٽيڪنيڪل ٽيم اسان کان هڪ ڏينهن جو وقت ورتو آهي، جيڪڏهن ضرورت پئي ته ڊي چوڪ ڏانهن وڃڻ لاءِ تيار آهيون، جيڪڏهن ٻن ڏينهن بعد ڪراچي ۾ اهڙي قسم جي ريلي ڪرڻي آهي ته 31 جولاءِ تي گورنر هائوس سنڌ ٻاهران ڌرڻي لاءِ تيار آهيون.  جيڪڏهن مان لاهور کي چوان ته وزيراعليٰ يا گورنر هائوس آڏو جلسي لاءِ تيار آهن ته پشاور ۽ ڪوئيٽا ۾ به ڌرڻو هڻڻ لاءِ تيار آهن؟ اسان عوام لاءِ رليف وٺڻ آيا آهيون، نه هي ميدان ڇڏڻ لاءِ آهيون.

Leave A Comment