اينٽي ڪرپشن کاتو غيرفعال: چيف سيڪريٽري پاران کاتن کان ڪرپشن ڪيسن جا تفصيل طلب

مَي 29, 2024

ڪراچي(رپورٽ: شاهد ميراڻي) اينٽي ڪرپشن کاتو غيرفعال بڻجي ويو، سنڌ جي چيف سيڪريٽري پاران ڪرپشن، غيرقانوني ڀرتين، ترقين وارن ڪيسن ۾ ڪامورن خلاف ڪارروايون نه ٿيڻ تي ڪاوڙ جو اظهار، صوبائي سيڪريٽرين، ڪمشنرن ۽ ڊپٽي ڪمشنرن کان تفصيل طلب، ان حوالي سان مليل ڄاڻ موجب اينٽي ڪرپشن کاتو مڪمل طور تي غيرفعال بڻجي ويو آهي، مڪاني کاتي جي ماتحت ادارن ڪراچي ڊولپمينٽ اٿارٽي، سيوهڻ ڊولپمينٽ اٿارٽي، ملير ڊولپمينٽ اٿارٽي، سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي، لياري ڊولپمينٽ اٿارٽي سميت مختلف مڪاني ادارن، ورڪس، پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ، لائيو اسٽاڪ اينڊ فشريز، خوراڪ، تعليم، آبپاشي، صحت، ڪوآپريٽو توڙي ٻين کاتن ۾ ڪيتري ئي عرصي کان ڪرپشن، غيرقانوني ترقين، ڀرتين سميت ٻين سنگين معاملن جون انڪوائريون هلندڙ ڄاڻائي پينڊنگ ۾ پيل آهن، اهڙي صورتحال جو نئين چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاھ نوٽيس ورتو آهي، سندس هدايتن تي سروسز کاتي جي اختيارين  سمورن صوبائي کاتن جي سيڪريٽرين، ڪراچي، حيدرآباد، ميرپورخاص، لاڙڪاڻو، سکر ۽ شهيد بينظيرآباد جي ڪمشنرن توڙي 30 ضلعن جي ڊپٽي ڪمشنرن کي خط لکي کين سختي سان هدايت ڪئي آهي ته سندن لاڳاپيل کاتن ۽ ادارن توڙي ڊويزنن ۽ ضلعن ۾ جن آفيسرن مٿان اينٽي ڪرپشن کاتي ۾ ڪرپشن سميت ٻين مالي ۽ انتظامي بيضابطگين جون انڪوائريون هلندڙ آهن، انهن جا تفصيل فراهم ڪيا وڃن، خط ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته ڪرپشن سميت ٻين سنگين الزامن هيٺ انڪوائرين کي منهن ڏيندڙ آفيسرن يا عملدارن جي پوسٽنگ جو موجوده هنڌ، سندن ترقين جا تفصيل توڙي ريمارڪس به لکي موڪليا وڃن، خط ۾ اها هدايت به ڪئي وئي آهي ته اينٽي ڪرپشن پاران جن آفيسرن ۽ عملدارن مٿان انڪوائرين ۾ ڪرپشن سميت ٻين بدعنوانين جا معاملا ثابت ٿيڻ بعد سندن خلاف کاتيوار ڪارواين جون سفارشون ڪيون ويون آهن، انهن جي به تفصيلي رپورٽ پيش ڪئي وڃي ته سندن خلاف ڪهڙي کاتيوار ڪاروائي ڪئي وئي آهي؟ ذريعن جو چوڻ آهي ته اينٽي ڪرپشن کاتي ڪيتريون ئي انڪوائريون مختلف سبب ڄاڻائي فائلن ۾ دٻائي ڇڏيون آهن، سرڪاري رڪارڊ ۾ انهن انڪوائرين کي هلندڙ ڄاڻايو ويو آهي.

اينٽي ڪرپشن چيئرمين جي آفيس ۾ ڊائريڪٽر  جي 3 مان هڪ پوسٽ ختم

ڪراچي: اينٽي ڪرپشن چيئرمين جي آفيس ۾ ڊائريڪٽر جي 3 مان هڪ پوسٽ ختم، ان ڏس ۾  ڪجهه مهينا اڳ اينٽي ڪرپشن جي چيئرمين آفيس ۾ ڊائريڪٽر ون، ڊائريڪٽر ٽو ۽ ڊائريڪٽرٿري واريون 3 سيٽون مختص ٿيل هيون. اڳوڻي چيئرمين ڊاڪٽر نواز شيخ ڊائريڪٽر ٿِري واري پوسٽ کي غيرضروري قرار ڏيندي ختم ڪرايو هو

اينٽي ڪرپشن ڊائريڪٽوريٽ ۾ صوبائي سروس جو ڪامورو خادم راڄپر ويٺل

ڪراچي: اينٽي ڪرپشن ڊائريڪٽوريٽ ۾ڊپٽي ڊائريڪٽر هيڊ ڪوارٽر 2 جي عهدي تي ڪيتري ئي عرصي کان صوبائي سروس جو 18هين گريڊ جو آفيسر خادم راڄپر ويٺل آهي، جڏهن ته ڊپٽي ڊائريڪٽر هيڊڪوارٽر ون وارو عهدو به خالي پيل آهي،  اينٽي ڪرپشن اختيارين پاران اتي مقرري ڪرڻ بجاءِ ڊي ڊي ٽو خادم راڄپر کي زباني حڪمن تحت مقرر ڪيو ويو آهي. واضح رهي ته ڊائريڪٽوريٽ ۾ ايڊيشل ڊائريڪٽر واري پوسٽ به خالي پيل آهي.

ڊيپوٽيشن پاليسي جا بخيا اڊيڙجي ويا: پوليس انسپيڪٽر چيئرمين جو پي ايس او مقرر

ڪراچي: سنڌ سرڪار ڊيپوٽيشن پاليسي جا بخيا اڊيري ڇڏيا، ان ڏس ۾ سنڌ جي سروسز کاتي سپريم ڪورٽ جي ڊيپوٽيشن خلاف ڏنل فيصلي جي لتاڙ ڪندي ڪي پي او ۾ مقرر 16هين گريڊ جي پوليس انسپيڪٽر شهباز مغل جون خدمتون اينٽي ڪرپشن حوالي ڪيون آهن، اينٽي ڪرپشن چيئرمين وري انهي پوليس آفيسر تي مهربان ٿيندي کيس چيئرمين آفيس ۾ پي ايس او مقرر ڪرڻ سان گڏ اينٽي ڪرپشن ڪمپلينٽ سيل جي 17 گريڊ واري انچارج جي پوسٽ جي به اضافي ذميواري سونپي ڇڏي آهي.  جڏهن ته 17هين گريڊ جي سيڪشن آفيسر حفيظ عباسي کان چارج واپس ورتي وئي آهي.

Leave A Comment