اينٽي ڪرپشن جي جوڙجڪ تبديل:سرڪل آفيسرن جو دور ختم: ڊپٽي ڊائريڪٽر مقرري جو فيصلو

جُولاءِ 9, 2024

ڪراچي (رپورٽ شاھد ميراڻي) اينٽي ڪرپشن کاتي جي جوڙجڪ تبديل: سرڪل آفيسرن جون پوسٽون ختم ڪري ھر ضلعي ۾ ڊپٽي ڊائريڪٽرز مقرر ڪرڻ جو فيصلو، صوبي ۾ ڊپٽي ڊائريڪٽرز جون 30 ۽ ڊائريڪٽرز جون 8 پوسٽون قائم ڪرڻ تي غور شروع، ان حوالي سان مليل ڄاڻ موجب  اينٽي ڪرپشن کاتي جي نئين  انتظامي جوڙ جڪ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آھي، مليل ڄاڻ موجب  اينٽي ڪرپشن کاتي جون 30ضلعن ۾ سرڪل آفيسر جون پوسٽون ختم ڪري اتي 18 ھين گريڊ جا ڊپٽي ڊئريڪٽر مقرر ڪيا ويندا اھڙي طرح ڪراچي جي ٽن زونن لاءِ 19ھين گريڊ جا 3 سينيئر ڊائريڪٽر،  حيدرآباد، ميرپورخاص، ڄامشورو، شھيد بينظير آباد ۽ لاڙڪاڻي زونن ۾ 18 گريڊ جا پنج ڊائريڪٽر مقرر ڪيا ويندا، ضلعن ۾ مقرر ٿيندڙ ڊپٽي ڊائريڪٽرز کي 17ھين گريڊ جو ھڪ اسسٽنٽ ڊائريڪٽر (ليگل) ۽ ھڪ اسسٽنٽ ڊائريڪٽر ايگزيڪيوٽو ڏنا ويندا، ڄاڻ موجب ان حوالي سان اينٽي ڪرپشن چيئرمين ذوالفقار شاھ جي سربراهيءَ ۾ ڪاميٽي پڻ جوڙي وئي آھي، جيڪا اينٽي ڪرپشن کاتي جي نئين  انتظامي جوڙ جڪ وارين تجويزن کي حتمي شڪل ڏيندي، جنھن بعد کاتي ۾ ڊپٽي ڊائريڪٽرز ء سينيئر ڊائريڪٽر توڙي ڊائريڪٽرن جون نيون پوسٽون قائم ڪرڻ لاءِ سفارشون وڏي وزير ڏانھن اماڻيون وھنديون، انهي فيصلي جي  سنڌ اسيمبلي مان منظوري ورتي ويندي، واضح رهي  ته اينٽي ڪرپشن کاتي ۾ هن وقت ڊپٽي ڊائريڪٽرن جون 9 زونن ۽ 3 هيڊ ڪوارٽرن ۾ پوسٽون قائم ٿيل آهن، جيڪي وڌي وڃڻ کانپوءِ 33 ٿي وينديون، اهڙي طرح اينٽي ڪرپشن اسٽيبلشمينٽ جي ڊائريڪٽر سميت ڊائريڪٽر ون ۽ ڊائريڪٽر ٽو جون مجموعي طور تي 3 پوسٽون قائم ٿيل آهن، جيڪي نئين جوڙجڪ کانپوءِ برقرار رهنديون،  وڌيڪ 6 پوسٽون قائم ٿينديون جنهن بعد ڊائريڪٽرن جون پوسٽون 9 تائين پهچي وينديون.

Leave A Comment